ٺٽو(ڊر) ڌرتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسڪولي ٻارڙن ٺٽي ۽ مڪلي جي مختلف علائقن ۾ ٻوٽا پوکي ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي. ان سلسلي ۾ ٺٽي شهر ۾ قائم نجي اسڪول پاران ڌرتي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٺٽي شهر ۽ مڪلي جي مختلف علائقن ۾ ٻوٽا پوکڻ سميت شھرين کي ٻوٽا تحفي ۾ پيش ڪندي چيو تہ اھي ٻوٽا پوکي پنھنجي علائقي ۾ ماحوليات جي تبديلي آڻين، خطاب ڪندي اسڪول جي ڊائريڪٽر سيد غلام مجتبيٰ شاهه، اسڪول ايڊمنسٽريٽر عرفان شيخ ۽ بين چيو ته اڄ ڌرتي جو عالمي ڏيهاڙو ملھايو پيو وڃي، اسان جي ڌرتي کي ٻوٽن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن اسان جي ڌرتي خوشحال ۽ سرسبز ٿي سگهي.
-
ڳڙھي ياسين ۾ صحافي محمد طاھر پنھور جو چاچو بيماري سبب فوت
ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين پريس ڪلب جي صحافي محمد طاهر پنهور جو چاچو گل حسن پنهور ڊگهو عرصو بيمار رهڻ سبب هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو ، مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي ، سماجي ، صحافين ، شهرين ۽ پنهور برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ، مرحوم جو مڙهه ابائي قبرستان پير مراد شاهه ۾ مٽئ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحوم جو تڏو پنهور محلا ۾ وڇايو ويو جتي سندس پوئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي .
-
دادو عدالت چوري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 3 سال قيد جي سزا
دادو ( ڊ ر ) فرسٽ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ محمد اشرف ڏهراج جي عدالت چوري جي ڪيس ۾ جوابدار کي 3 سال سزا ٻڌائي، عدالت بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ چوري جي ڪيس ۾ جوابدار نصير ٻٻر کي 3 سال قيد ۽ 30 ھزار ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو آهي، جوابدار کي سزا ٻڌائڻ بعد هٿڪڙيون لڳائي جڊيشل لاڪپ مان ڊسٽرڪٽ جيل دادو منتقل ڪيو ويو.
-
دادو ۾ قتل ٿيل نوجوان جي ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
دادو ( ڊ ر ) مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ هڪ هفتو اڳ جهيڙي جي دوران مارجي ويل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاء ايس ايڇ او مخدوم بلاول شفيق احمد ابڙو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ الهرکيو سهاڳ ۾ چڙهائي ڪري گلزار سهاڳ جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار مظهر سهاڳ کي گرفتار ڪري ورتو ايس ايڇ او شفيق احمد ابڙو ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنڻي هڪ هفتو اڳ قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي هن چيو ته ايس ايس پي دادو جي حڪم تي ڏوهارين جي خلاف ڪاروايون تيز آھن ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتارڪيو ويندو.