رڪي پونٽنگ انگلش ٽيم جي ڪوچنگ کان انڪار ڪري ڇڏيو

 

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪوچ بڻجڻ وارو امڪان رد ڪري ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان رڪي پونٽنگ کي انگلش ٽيم جو ڪوچ بڻجڻ ۾ دلچسپي ناهي.

انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر راب ڪي نون چهرن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب راب کي اميد هئي ته رڪي پونٽنگ وائيٽ بال ٽيم جو ڪوچ بڻجندو.

ٻئي پاسي سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان مهيلا جي ورڌني به ڪوچنگ جي اميدوارن مان پاڻ کي ڌار ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ اوٽس گبسن کي انگلش ٽيسٽ ٽيم جو ڪوچ بڻجڻ لاءِ مضبوط اميدوار قرار ڏنو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.