واضح ٿي ويو ته پي ٽي آءِ جا اسٽيبلشمينٽ سان معاملا خراب هئا: اسعد محمود

اسلام آباد(م ڊ) مواصلات واري وفاقي وزير مولانا اسعد محمود چيو آهي ته اڳوڻي  حڪومت جي ورثي ۾ ملندڙ مسئلن جي ازالي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسان کي بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ گئس جي کوٽ درپيش آهي، کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان تي پهچي ويون آهن، ماڻهن جي اميدن تي پورو لهڻ جي لاءِ حڪومت پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪندي، جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو موقف ۽ هدف صاف، شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊون آهن. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن ڊپٽي اسپيڪر کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.  مولانا اسعد محمود چيو ته جڏهن عمران خان جي حڪومت ختم ٿي ته هن هڪ خط جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان تي ادارن جو جيڪو ردعمل آيو ۽ ان جي پنهنجي پارٽي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپن جي خرابي جو اعتراف ڪيو، ان مان واضح آهي ته اها آمريڪي سازش نه آهي پر ڪو ٻيو معاملو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.