عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي جو حڪم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني  بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدمن جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ جي اطلاع تي گهرو وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.