بلاول ۽ نوازشريف ۾ ملاقات، تڪراري ادارن کي آئيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين: بلاول

اسلام آباد(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، بلاول اڳوڻي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ اسٽين هوپ هائوس ۾ نوازشريف جي پٽ جي آفيس پهتو،بلاول نوازشريف کي بي اعتمادي  سميت وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني، بلاول ۽ نوازشريف وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سياسي معاملن ۾ اتفاق راءِ سان گڏ هلڻ  جو اظهار ڪيو ويو، ان موقعي تي شيري رحمان، نويد قمر۽ قمر زمان ڪائره به نوازشريف سان ملاقات ڪئي،بعد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول چيو ته عمران خان کي گهر موڪلي ڇڏيو، جيڪو نقصان ملڪ جو ٿيو ان کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، سليڪٽڊ راڄ جو خاتمو رڳو اسان نه پوري قوم جي سوڀ آهي، ن ليگ ۽ پ پ گڏجي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، عمران خان کي هٽائڻ لاءِ جمهوري طريقو اختيار ڪيو، مسئلن جو مقابلو ڪنداسين ته پاڪستان صحيح رخ ۾ ويندو، نوازشريف چيو ته چون ٿا ته عالمي سازش ٿي، توهان ڪهڙو ايٽمي ڌماڪو ڪيو هو، ملڪي معيشت جي بحالي اسان جي پهرين ترجيح آهي، آءِ ايم ايف ڏانهن ويندڙ عمران خان کي اسان خودڪشي ڪندي نه ڏٺو، قوم اسان جي ڪاميابي لاءِ دعا ڪري، عمران خان جيڪو ماحول پيدا ڪيو اهڙو ڪڏهن نه ڏٺو، پاڪستان کي ٻيهر منزل تي پهچائينداسين، اسحاق ڊار ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، پوڻا چار سال ڪارا ترين هئا، پاڪستان ان ڪري نه بڻيو هو ته ان جو اهڙو حشر ڪيو وڃي، بلاول سان سڀاڻي ٻيهر ملاقات ٿيندي، ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نوازشريف سان ملاقات ضروري آهي، هڪ ڀيرو اسان پاڪستان ۾ جمهوريت کي بحالي ڏانهن وٺي وڃڻو آهي،نوازشريف جو جمهوريت جي بحالي ۾ ڪردار ۽ قرباني سڀني جي سامهون آهي، ان نيت سان آيو آهيان ته انهن چئلينجن جو مقابلو تڏهن ڪري سگهون ٿا جڏهن ڪلهوڪلهي ۾ گڏ بيٺل هونداسين، هن چيو ته عمران خان خلاف ٻاهرين سازش نه اها جمهوري سازش هئي، عمران خان خلاف وائيٽ هائوس نه بلاول هائوس جي سازش هئي، عمران خان جو بيانيو آهي ته مون کي ڇو نه بچايو، هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران پاڪستان جا ادارا تڪراري ڪردار ادا ڪري رهيا هئا هاڻي انهن جو ڪردار تڪراري کان آئيني بڻائڻ آهي،هن چيو ته عمران خان جي سليڪٽڊ حڪومت جو مقصد 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ هو، سليڪٽڊ سيٽ اپ جو ٽارگيٽ  پ پ اڳواڻ نويد قمر چيو ته عمرن خان کي پنهنجي ڪرسي بدران پاڪستان جي مفاد جو سوچڻ گهرجي، فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پ پ ۽ ن ليگ ۾ ڪنهن به قسم جو ڊيڊلاڪ ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.