اڄ سوير دولهه دريا خان جي ڪوٽ واري هنڌ تي پهچي ڏک ٿيو، ڇو ته ماڻهو ننڍڙن ذاتي مفادن لاءِ قديم قومي ورثي جي بچيل آثارن کي لڳاتار تباه ڪري رهيا آهن ۽ مٿان وري پنهنجي ڏوهه کي پاڪ ڪرڻ لاءِ اهي پاڻ يا سندن ويجها ماڻهو، سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن کي ڏوهي بڻائي کاٽ/چوري لڪائڻ ۽ ذاتي ذميواريءَ کان آجا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.