ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس يوسف سعيد تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سماجي ڪارڪن نظير شورو ۽ اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر عبدالحفيظ ملاح سميت ٻين جي ٺٽي جي ڪوهستاني ۽ ساحلي يوسيز جي تڪبندين ۾ وڏي پيماني تي هيراڦيري جي حوالي داخل درخواست تي صوبائي اليڪشن ڪميشن، ٺٽي ڊي ليمٽيشن، ڊسٽرڪٽ ٺٽي جي اليڪشن ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيار ڪار ٺٽي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو آهي ، درخواستگذارن جي وڪيل ثناالله سومري ۽ وڪيل رشيد راڄڙ۽ بئريسٽر عنايت الله ملڪاڻي پنهنجي موقف ۾ چيو ته تڪبندين ۽ ووٽن کي ورهائڻ ۾ مقامي عوام جي راءِ نه ورتي وئي آهي، اليڪشن ڪميشن مقامي آفيسر سان ملي ڀگت ڪري غلط نموني سان تڪبنديون ڪيون آهن، هنن چيو ته ميرپورساڪرو جي غلام الله ۽ککي يوسيز ۽ ڪيٽي بندر جي يوسيز جي ووٽن کي هڪ ٻئي يوسيز ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري مقامي ماڻهو سخت پريشان آهي.