ٽنڊي الهيار ۾ بدامني، شهري کان 3 لک رپيا ڦر

ٽنڊوالھيار (ڊ ر)رمضان المبارڪ شروع ٿيندي ئي ضلعي ٽنڊوالھيار جي مختلف علائقن ۽ ڳوٺن ۾ چورين ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اوچتو واڌارو  ٿي ويو، ڏوھارين شھر توڙي ٻين علائقن ۾ بنا ڊپ اسلحي جي زور تي موٽر سائيڪلون ڦرڻ، چوريون ڪرڻ سان گڏ واپارين کان لٽمار جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو، ٻي پاسي ڪالهھ خميس ڏينھن واپاري نديم اسحاق جو منشي نجي بينڪ مان رقم ڪڍرائي وڃي رھيو ھو ته موٽر سائيڪل تي سوار  ھٿياربند ڏوھارين حيدرآباد روڊ تي کيس يرغمال ڪري مٿس تشدد ڪرڻ بعد ٽي لک رپيا ڦر ڪري باآساني فرار ٿي ويا، ٽنڊوالھيار ۾ وڌندڙ  چورين ۽ ڦرن جي وارداتن سبب شھرين ۽ واپارين فڪر جو اظھار ڪندي چيو آھي ته پوليس عوام سان امن قائم رکڻ جا وعدا پورا ڪري. ٻي صورت  ۾ موجودھ ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کي ھٽائي ڪنھن تجربيڪار، قابل ۽ فرض شناس ايس ايس پي کي مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.