ڏوڪري لڳ ڪار ڪلٽي، نوجوان سماجي اڳواڻ فوت

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري جو سماجي اڳواڻ ۽ واپاري عمران سومرو، عبدالقيوم ڪنڀر قمبر کان ڏوڪري اچي رهيا هئا ته ڪار ڪلٽي ٿيڻ سبب پ پ سٽي نائب صدر شوڪت علي سومرو جو ڀاڻج ۽ سماجي اڳواڻ عمران سومرو فوت ٿي ويو، جڏهن ته عبدالقيوم ڪنڀر زخمي ٿي پيو. هوڏانهن فوتي نوجوان عمران سومرو جو مڙھ ڏوڪري ۾ پهچڻ تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو ۽ گهر ۾ ڪھرام مچي. جڏهن ته مرحوم جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي، صحافي، واپاري ۽ شهرين پ پ سٽي صدر قاضي جميل احمد جوڻيجو، علي بخش ميتلو، پروفيسر گلاب سومرو، بوائز هاءِ اسڪول ھيڊماستر نثار احمد سولنگي، طالب چنو، ايڊووڪيٽ قاضي ديدار علي، رياض حسين ڀٽو، پروفيسر سراج احمد سوهو، پ پ سٽي اڳواڻ رستم گاڏهي، ذوالفقار جمالي، شهمير علي ميراڻي، انجنيئر وقار علي سومرو، چئمبر آف ڪامرس صدر عبدالحميد جيسر، لياقت علي سومرو، مظهر گلال، معشوق علي جتوئي، جاويد ڪولاچي، شمن خان جوڻيجو،۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن مرحوم جي پونئيرن سان تعزيتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.