سنڌي ذاتي بدران قومي مفادن کي اهميت ڏئي اڳتي وڌي سگهن ٿا:گڏاپ ۾ تقريب

گڏاپ (رپورٽ : ممتاز شيخ) گڏاپ ۾ سنڌ نيشنل پارٽي پاران ڪتاب وڃن سور سنڌا ڪيو جي ليکڪ محمد خان ابڙو کي لاسي ڳوٺ ۾ آجياڻو ڏنو ويو، آجياڻي تقريب ۾ سنڌ نيشنل پارٽي سينئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي. علي بخش مگسي، امير حسين قمبراڻي نامياري ليکڪ ۽ سينئر صحافي تصوير سنديلو، ڊاڪٽر حميد سبزوئي، علي رازشر، سارنگ منير، ڊاڪٽر ديدار ابڙو۔ امير بخش قمبراڻي ، محمد کوکر، ذوالفقار گاد، سينئر صحافي بالاچ شاھاڻي، نبي بخش خاصخيلي، نياز بليدي۔ جاني ڦلپوٽو۔ ڊي ايم خاصخيلي۽ ٻين شرڪت ڪئي، تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ نيشنل پارٽي جي سينيئر وائيس چيئرمين رمضان بليدي چيو ته نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نويس محمد خان ابڙي جو ڪتاب وڃن سور سنڌا ڪيو، سنڌي ادب لاء ھڪ بھترين تحفو آھي اڄ جي نوجوانن کي اھو ڪتاب پڙھڻ گھرجي، ھن چيو ته محمد خان ابڙو جي ڪالمن ۾ سچ سمايل آھي، ھن سدائين سنڌ جي عوام لاء جاکوڙيو آھي، ھو سائين جي ايم سيد جو ويجھو ساٿي رھيو ان قلم جي ذريعي عوام جي حقن لاء آواز اٿاريو، محمد خان ابڙي پنھنجي زندگي جون خوبصورت بھارون سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ارپيون آھن جنھن تي کين جس ڏيون ٿا عوام جي حقن لاء ھن جيل به ڪاٽيو پر ھو وقت جي آمرن آڏو جھڪيو ناھي، تقريب کي خطاب ڪندي ڪتاب جي ليکڪ محمد خان ابڙو چيو ته ھڪ قومپرست پارٽي پاران سندس مان ۾ آجياڻو ڏيڻ تي پارٽي جي سرواڻ جا ھو ٿورائتا آھن، ھن چيو ته منھنجي ڪتاب وڃن سور سنڌا ڪيو ۾ سنڌ جي تاريخ سمايل آھي مون ھميشه سنڌي عوام لاء آواز اٿاريو آھي، نامياري ليکڪ ۽ سينئر صحافي تصوير سنديلو چيو ته محمد خان ابڙو سنڌ جو ڀرجھلو آھي، ھن چيو ته سنڌ جي نوجوانن کي ڀٽائي شيخ اياز، بخاري ۽ محمد خان ابڙي سوڌو سينئر ليکڪن جا ڪتاب پڙھڻ گھرجن، محمد خان ابڙي جو ڪتاب سنڌ جي نوجوانن لاء اتساھ جو ذريعو آھي ھنجي لکڻيڻ ۾ سچ ۽ ڌرتي جو درد سمايل آھي سنڌي ادب جي جھول ۾ نئين ڪتاب جي اضافي تي محمد خان ابڙو کي جس ڏين ٿا،ڊاڪٽر حميد سبزوئي، علي راز شر، سارنگ منير سومرو ڊاڪٽر ديدار ابڙي جو چوڻ ھو ته سنڌ جي ليکڪن ھميشه پنھنجي ڌرتي جي حقن لاء آواز اٿاريو ھنن چيو ته سنڌ جو ليکڪ پنھنجي قومي مفادن لاء قلمي پورھيو ڪري رھيو آھي نوجوانن کي محمد خان ابڙو کي سمجھڻ لاء لطيف کي سمجھڻو پوندو، ھنن چيو ته ذاتي مفادن کان ھٽي ڪري قومي مفادن کي کي ھٿي ڏيارڻ گھرجي ڪنھن ۾ طاقت ناھي جو ھو سنڌين کان ٽوپي لھرائن ھي اٺاسي جو دور ناھي ھي 2022 آھي لساني بنياد تي سنڌ جي ماڻھن کي ويڙھائڻ جي سازش ٿي رھي آھي جيڪي ناڪام بڻايون وينديون تقريب کي علي بخش مگسي، امير حسين قمبراڻي۔ ذوالفقار گاد، سينئر صحافي بالاچ شاھاڻي، ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔ تقريب ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفه پيش ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.