کرڙاهه ڀرسان گهر تي ڪاهه، ڳورهاري عورت تي تشدد، حمل ضايع، احتجاج

کرڙاهه ( رپورٽ : صوبل سولنگي) کرڙاھ ڀرسان ڳوٺ ڄارڙي ۾ با اثر ھٿيار بندن جو رات جي تاريڪي ۾ گهر تي حملو تي حملو تشدد عورت جو ڇھن مهينن جو ٻار ضايع ٿي ويو، عورت بيهوش، حالت تشويشناڪ، پوليس  عورت کي ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، متاثرين احتجاج ڪندي چيو ته پنجن کان وڌيڪ جوابدارن سڌير علي، غلام رسول عرف گلڻ، هادن ولد ننگر خان ۽ گل حسن ولد قلندر بخش جن رات دير سان اسان جي گهر ۾ ڌاڙيلن وانگر گهڙي ڪري اسان جي عورتن تي بنا جواز تشدد ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي، تشدد سبب صابل زال مير محمد جمالي جو ڇهن مهينن جو ٻار تشدد سبب فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته عورت جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو آهي انهن احتجاج ڪندي ايس ايس پي خيرپور ڊي ايس پي ٺري ميرواھ ايس ايڇ او پيرسڻ کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن  جي خلاف ڪيس داخل ڪري فوري طور گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.