تعليم ۽ معاشرو

تحرير؛بابر نوناري

اسان جي معاشري ۾ اڪثر ائين ٿيندو آھي ته ڪجهھ انسان مرد مجاهد چوندا آھن پڙھي ڪري پاڻ ڇا ڪنداسين ڪهڙا اسان جا وڏا پڙھيل ھئا ڪهڙي اسان کي نوڪري ملندي ڇا پڙھي ڪري ڪيون وري جيڪڏھن هڪ ڇوڪري اسڪول پڙھڻ ويندي ته ساڳيا ئي ڪمينٽ ڪيا ويندا آھن۔ جيئن معاشري وارا چوندا ھل ڙي هي ڏسو اسڪول پئي وڃي حالات ڪيترا خراب آھن هي گھر کان ٻاھر اسڪول پئي وڃي۔ جيڪڏهن ڪا عورت جاب ڪرڻ ويندي انھيءَ وقت به تنقيد شروع ڪئي ويندي چوڻ لڳندا هڪ عورت ٿي ڪري ڪم پئي ڪري اھا به آفيس ۽ اداري ۾ حالتون ڪيڏيون خراب آھن انجي باوجود گهران نڪري پئي۔ بھرحال هر صورت ڪٿي نه ڪٿي ڪمينٽ ٿيندا رهندا آھن ۔ ۽ اڪثر مون ڏٺو آھي تنقيد اهي ئي ماڻھو ڪندا آھن جن وٽ علم جي کوٽ ھوندي آھي۔ پر انهن والدين کي سندن ايتري خبر ناهي۔۔ڪابه قوم ملڪ تعليم جي ھٿيار کان سواءِ پھنجو تحفظ نه ٿي ڪري سگھي ۔ تعليم هر مرد عورت جو بنيادي حق آھي۔ تعليم چند پئسن لاءِ نوڪري ڪرڻ لاءِ ناھي پرائي ويندي پر تعليم سماج ۾ جيئڻ سيکاريندي آھي زندگي گذارڻ ۽ جيئڻ ۾ يقينن وڏو فرق هوندو آھي۔۔ گذارڻ مان اها مراد ھوندي آھي ۔ بس جيئن گذري پئي ائين گذري۔ مثال۔ ماني کاڌي آرام ڪيو۔ جيئڻ مان اھا مراد آھي ۔ ڪوئي مقصد ڪجهھ ڪرڻ جي صلاحيت پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي قوم لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسل اولاد لاءِ  ۔۔ اھي سڀ شيون تعليم کان سواءِ ناممڪئن آھن.

قومن جي تباھي جو سبب بيشڪ تعليم ئي آھي۔ تعليم انسان جي ويتر ڪردار جي سونھن آھي۔ تعليم هڪ وڏو سمنڊ آھي۔ تڏهن اسان جي پياري آقا حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو آھي۔ علم پرايو پينگھي کان وٺي قبر تائين۔۔عورت جي تعليم به ايتري ئي ضروري آھي جيتري مرد جي، اسان جي معاشري ۾ جوڙ وارا اھڙا ڪم آھن جيڪي عورت جي ڪرڻ لائق ئي ھوندا آھن، مثلاً پٺ تي پيل علائقن ۾ عورت جي پڙھڻ تي وڏيون بندش لڳل ھونديون آھن، جيڪي چوندا آھن ته عورت جو ڪم صرف گھر سنڀالڻ آھي، اھڙي صورتحال ۾ ڇا اھي برداشت ڪندا ته جيڪڏهن علائقي ۾ ڪائي به عورت پڙھيل لکيل نه ھجي ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ انھن جي گھر جي ڪنھن عورت جي ڊليوري ڪوئي مرد ڊاڪٽر ڪري؟ بلڪل به برداشت نه ڪندا، انھيءَ لاءِ عورت جي تعليم به ضروري آھي، جئين عورتن سان پيش ايندڙ مثلا عورتون ئي حل ڪن.

اڪثر پنھنجي معاشري ۾ تعليم صرف نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پرائي ويندي آھي انھيءَ لاءِ اڪثر ھتي توھان کي ميٽرڪ پاس  اميدوار ملندا، پوءِ انٽرپاس گريجوئيشن پوري ڪندڙ ته ٻھراڙيءَ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ برابر ھوندا، پاڻ کي اها سوچ تبديل ڪرڻي پوندي، زماني آڏو ٻڌائڻو پوندو ته تعليم ڪامياب ٿيڻ لاءِ نه بلڪه قابل ٿيڻ لاءِ پرائجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.