غلط معلومات پکيڙڻ رياست لاءِ خطرو آهي:آرمي چيف

اسلام آباد (م ڊ) ڳڻپ واري اداري مهانگائي بابت هفتي واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، ڳڻپ واري اداري موجب هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 0.11 سيڪڙو گهٽ ٿي 18.62 سيڪڙو تي اچي وئي، جڏهن ته سڀني کان  گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ مهانگائي 20.24 سيڪڙو ٿي وئي، رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 17 شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جن ۾ ٽماٽا 18 رپيا 53 پيسا ۽ ٿوم 13 رپيا 55 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته مٽرن جي اگهه ۾ 2 رپيا 45 پيسا في ڪلو، چڻن جي دال 1.92 رپيا ۽ دال ماش جي اگهه ۾ 2.75 رپيا في ڪلو واڌ ٿي، جڏهن ته دال مسور 1.54 رپيا ۽ مڱن جي دال 0.68 پيسا مهانگي ٿي، ڳڻپ واري اداري موجب گيهه جو في ڪلو اگهه هڪ رپيو 75 پيسا واڌ ٿيڻ بعد في ڪلو جو اگهه 400 رپيا 75 پيسا ٿي ويو، جڏهن ته 5 ليٽر ڪوڪنگ آئل جو اگهه 2 هزار 85 رپيا 42 پيسا ٿي ويو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هڪ هفتي ۾ 8 شيون سستيون ٿيون ۽ 26 شين جي اگهن ۾ ڦير ڦار نه ٿي، جيئري ڪڪڙ جي في ڪلو اگهه ۾ 3 رپيا 20 پيسا، بيضن جي في ڊزن اگهه ۾ 3 رپيا 83 پيسا گهٽتائي ٿي،  جڏهن ته 200 گرام ڳاڙهن مرچن جي اگهه ۾ 25 رپيا 85 پيسا گهٽتائي ٿي ۽ کنڊ جي في ڪلو اگهه ۾ هڪ رپيو 5 پيسا گهٽتائي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.