ڪورونا لاءِ تيار ٿيل دوائن بابت جاپاني ماهرن جي اهم تحقيق

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپاني طبي ماهرن ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ انفيڪشن جي علاج لاءِ تيار ٿيل دوائن تي ريسرچ کان پوءِ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي اومي ڪرون قسم جي خلاف اهي اثرائتون آهن.

دي نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن ۾ ڇپيل تحقيق مقالي ۾ چيو ويو آهي ته ليبارٽري ٽيسٽ مان خبر پئي آهي ته ڪووڊ 19 جي خلاف تيار ٿيندڙ دوائون ڊيلٽا جيان اومي ڪرون جي خلاف به اثرائتون آهن.

محققن جي گروپ جي سربراهه ۽ يونيورسٽي آف ٽوڪيو جي طبي سائنس بابت اداري جي پروجيڪٽ پروفيسر ڪاوا اوڪا يوشي هيرو پنهنجي تحقيقي نتيجن بابت چيو آهي ته ريمڊيسيور ۽ مولنوپيراوير دوائن جا اومي ڪرون خلاف اثر بهترين آهن جيئن ڊيلٽا جي خلاف هئا.

ڄاڻايل دوائون جاپان ۽ ٻين ملڪن ۾ وائرس جي خاتمي وارين دوائن جي طور تي منظور ٿيل آهن.

هنن جو چوڻ هو ته اينٽي باڊي دوا سوٽروويميب اومي ڪرون تي گھڻو اثر وڌو پر ان جو رد عمل ان کان اڳ جي قسم جي سطح جي ڀيٽ ۾ 14 هين حصي جي برابر هو.

محقق هڪ ٻئي اينٽِي باڊي مرڪب رونا پريوي جي اثرن جي مڪمل طور تي تصديق نه ڪري سگھيا جنهن جي استعمال جو جاپان جي صحت واري وزارت اومي ڪرون متاثر ماڻهن جي علاج لاءِ مشورو نٿي ڏئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.