ڇا قانوني آهي ڇا غير قانوني؟

تحرير ؛ اورڻ اهو ئي ٿيو

سنڌ جي ويجهي تاريخ ٻڌائي ٿي ته پيارو پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ لڳاتار ڊهڻ لڳي آهي، ان عمل جا سبب الڳ الڳ ڄاڻايا ويندا آهن پر مجموعي عمل اهو ئي ٿيندو رهيو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ کي ڊاهڻ آهي، اها خواهش ڪنهن جي آهي بحث ان تي نه آهي.

ڳالهه تازو ئي هڪ ڳوٺ محمد خان گبول کي ڊاهڻ کان شروع ٿي ته سگهي ٿي پر ختم نٿي ٿئي ڇو ته هي ڳوٺ اڄ تائين سنڌ جو يا ڪراچيءَ جو آخري ڳوٺ نه آهي، جنهن کي اهو چئي ڊاٿو ويو هجي ته هيءُ ڳوٺ غيرقانوني آهي، جيتوڻيڪ اها ڳالهه ته غيرقانوني ٿي سگهي ٿي جيڪا اسان کي ٻُڌائي پئي وڃي، اهو ٻڌايل قانون به غيرقانوني ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اهو پوءِ جوڙيل آهي، اهي اختيار به غيرقانوني ٿي سگهن ٿا، سنڌ حڪومت ۽ ان جا جوڙيل ادارا غيرقانوني ٿي سگهن ٿا خود پورٽ قاسم پنهنجي فاتح نالي سميت غيرقانوني ٿي سگهي ٿو، اُهو ڳوٺُ جنهن جو نالو محمد خان گبول آهي، يا اهي مڙيئي ڳوٺ جيڪي ڪراچيءَ جي آس پاس آهن ۽ سڀ سنڌي آهن، جيڪي وقفي وقفي سان ڊهي رهيا آهن اهي ڪيئن غيرقانوني آهن، اهو قانون سمجهڻ کان مٿاهون آهي، ڪو به منطقي ان جو حمايتي نه آهي.

اهي ڳوٺ جن جي هجڻ سبب ئي برٽش سرڪار تپا، ديهون، ڪائونسلون، تعلقا، ضلعا، ڊويزنون ۽ صوبا ٺاهيا آهن صوبن ۾ شهر جڙيا آهن يا جوڙيا ويا آهن، جن ڳوٺن جي بنياد تي شهر جڙيا آهن جن جي رهواسين هي ملڪ ٺاهيو آهي، جن انساني/ مذهبي بنياد تي برصغير جي ڪيترن ئي ڏتڙيل توڙي تڙيل انسانن کي اجهو ڏنو آهي، ملڪ جي ترقيءَ لاءِ زمينون ڏئي انهن تي وڏا وڏا تجارتي ادارا ٺهڻ ڏنا آهن، جن ڳوٺن جي هجڻ سبب انسانن جي رهڻ لاءِ پلاننگون ڪري شهر جوڙيا ويا آهن خود جن ڳوٺن جي بنياد کان سوين سال پوءِ ملڪ ۽ ان جا قانون جڙيا آهن جن جي سموري عمر صرف پنجهتر سال آهي ۽ ان عُمر جي اڌ کان پوءِ دنيا جهان مان ڌڪار جي در در جون ٺوڪرون جهلي آيل لوڌ کي ڏنل گهر، ادارا، نوڪريون، سهولتون اڻ قبوليل حڪمرانيءَ ۾ مالڪيءَ جو حصو اهو سڀ قانون جي دائري ۾ آهي.

ان کان اڳ انساني تهذيب کي جنم ڏيندڙ اهي سڀ ڳوٺ جيڪي ڪنهن به تهذيب جا بنيادي ٿنڀا آهن جيڪي ان تاريخ جي شاهدي ڏين ٿا، جيڪا تاريخ اڄ جي انسان، انساني ارتقا، تهذيبي، ارتقا، تاريخي ارتقا، قومي ارتقا، طبقاتي ارتقا ۽ سماجي ارتقا توڻي نظرياتي يا سياسي ارتقا واڌو قانوني ارتقا جا پيرا ٻڌائي ٿي، اهي ڳوٺ ڪيئن غيرقانوني آهن اهو اهڙو منطق آهي، جيڪو شايد اڄ جي انسان کي سمجهه ۾ اچي خاص ڪري سنڌي ماڻهن کي ته بنهه نه سمجهندڙ لڳي رهيو آهي.

ڪيئن به ڳوٺ ڊاهڻ، پنهنجي تهذيب، تاريخ ڊاهڻ جي برابر آهي، اهڙو دنيا جو ڪو به قانون نه آهي جيڪو ڪنهن به ڳوٺ کي اهو چئي ڊاهڻ جي اجازت ڏيندو هجي ته هيءُ ڳوٺ غيرقانوني آهي، ڳوٺ ڪنهن به تهذيب ترقيءَ توڻي تاريخ جا اڏيندڙ هوندا آهن، اهي غيرقانوني نه هوندا آهن، يقين سان سمجهڻ گهرجي ڪراچيءَ جي سموري قبضي هيٺ آيل زمين تي اڏيل اُهي مڙئي عمارتون، ادارا، روڊ رستا ايئرپورٽ توڻي ريلوي اسٽيشنون ته غيرقانوني ٿي سگهن ٿيون پر سمنڊ ڪناري، مهاڻن جي ڪجهه گهرن تي اڏيل ننڍڙو ڳوٺ ڪلاچي ۽ ان جي آس پاس آباد ٿيل صديون پراڻا ڳوٺ (جن ۾ هڪ محمد خان گبول ڳوٺ به شامل آهي) اهي سڀ قانوني آهن! انساني تاريخ اهو ٻڌائي ٿي، چار سئو سالن کان اوباهي مُهاڻي جي پٽن جون قبرون اتي آهن، پنج سال اڳ جوڙيل پلون ۽ روڊ قانوني آهن، مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون غيرقانوني آهن. اهو سڀ ڪهڙو قانون ٻڌائي رهيو آهي؟

پراڻا نقشا ۽ روينيو رڪارڊ جانچي، اهو اندازو ته لڳائي سگهجي ٿو ته پورٽ قاسم اٿارٽيءَ کي ڏنل زمين ڪيترن ڳوٺن جي والار ڪيل آهي، يا خريد ڪيل آهي، اها قانوني آهي يا غير قانوني آهي، جيڪي ادارا خود پنجاهه سال عمر نٿا رکن ۽ هٿرادو قانونن هيٺ ٺاهيا ويا آهن اهي اها دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ڪراچيءَ جا ڳوٺ غيرقانوني آهن، جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ انهن تهذيب جي وارثن سنڌي ماڻهن جو هن روءِ زمين تي هجڻ واري انساني عمل کي پڻ غيرقانوني ڪوٺيو وڃي، ۽ ان کان پوءِ اڄ جي جديد انٽرنيشنل سٽي توڻي ميٽرو پوليٽن سٽي ڪراچيءَ کي غيرقانوني ڄاڻايو وڃي، ۽ منجهس رهندڙ، دنيا جي لوڌ جي آيل ماڻهن کي غيرقانوني ڄاڻايو وڃي، ڪراچيءَ جي آس پاس رهندڙ سنڌي توڻي انهن جا اڏيل سادڙا ڳوٺ ڪنهن به طرح قانوني آهن ٻيو سڀ ڪجهه غيرقانوني ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اهو پوءِ جڙيو آهي.

سنڌ جا ڳوٺ ئي آهن، جيڪي فطري به آهن تهذيب جي نشاني توڻي ان جا اهڃاڻ ۽ علامتون به آهن، ته دنيا جي وڏي ۾ وڏي قانون جي دائر ۾ به آهن ان ڪري انهن سان هٿ چراند ڪندڙ قانون توڻي انهن کي استعمال ڪندڙ پوءِ اچن ٿا اڳ اسان جا ڳوٺ اهم آهن جن ۾ سوين هزارين سالن کان اسان جا ابا، ڏاڏا، پڙ ڏاڏا پوريل آهن، جيڪي اسان جي عقيدتن ۾ موجود رهن ٿا. انهن کي غيرقانوني سڏيندڙ پاڻ غيرقانوني ٿي سگهن ٿا،سنڌ جا خاص ڪري ڪراچيءَ جا ڳوٺ سڀ قانوني آهن، ڇو ته اهي ڪراچيءَ جي نقلي اڏاوتن کان ڪيئي سال صديون اڳ جا اڏيل آهن، اهي ڪنهن به قانون کان ڪيترائي ڀيرا مٿانهان آهن ان ڪري انهن کي ڪنهن به طرح ڊاهڻ جي اجازت نه آهي، اهو دنيا جا مڃيل قانون چون ٿا. اسان جي تهذيب چوي ٿي، اسان جي تاريخ چوي ٿي ۽ اسين سنڌي چئون ٿا جن کي دنيا جا شهر اڏڻ جو سمورو قانون اچي ٿو. موهن جي دڙي جي اڏاوٽ اهڙي چٽي ثابتي آهي. جنهن کي سموري دنيا قبول ڪري چڪي آهي، هان اسان دنيا جي قانونن کان قبول ڪرائڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون.

اسان جا حڪمران جنهن قانون جو حوالو ڏئي ڳوٺن کي غيرقانوني چئي ڊاهي رهيا آهن، سچ ته اهو آهي ته اهي پنهنجي پاڙن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن، حڪمراني عارضي هوندي آهي، وطن مستقل هوندا آهن ۽ انهن وطنن جون وسنديون مستقل هونديون آهن.

سنڌ حڪومت جيڪو ڪري رهي آهي ان جي هٿ هيٺ رهندڙ ادارا جيڪي ڪري رهيا آهن اسان اُن سڀ کي غيرقانوني سمجهون ٿا ۽ کين چئون ٿا ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن، قانوني ۽ غيرقانوني جُملن جي اثر هيٺ اچي اسين پنهنجي تهذيب جي وارث ڳوٺن جي ڊاهڻ واري عمل جي دنيا جي ڪنهن به قانون هيٺ حفاظت ڪنداسين، اسان حڪمرانيون قربان ڪري سگهون سنڌ ۽ ان جا ڳوٺ قربان ڪري دنيا جي لوڌيل قومن ۾ توڻي ملڪن ۾ شامل ٿيڻ نٿا چاهيون، افسوس ته هيءَ آهي ته اسين اڄ، انهن سنڌين جي حڪمرانيءَ هيٺ جي رهيا آهيون جيڪي پاڻ ڌارين جا سهڪاري بڻجي يا چوڻ گهرجي ته مددگار بڻجي سنڌ جي ڳوٺن کي، سنڌ جي تهذيب کي، سنڌ کي ڊاهي رهيا آهن. جن لاءِ فقط شاهه سائينءَ جا هيءَ لفظ ئي اسان جي اخلاقي ۽ قومي ترجماني ڪري رهيا آهن.

هيءُ منهن ڏيئي ٻنِ، تون وِهُم کائي نه مرين،

هُو جي ملير ڄائيون، توسين سڱ نه ڪنِ،

تون ڪيئن منجهان تنِ، پاڻ ڪوٺائين مارئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.