کنڀڙا ڀرسان ٽريڪٽر ڊرائيور جو تشدد ٿيل لاش هٿ

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو لڳ کنڀڙا ٿاڻي جي حد جھانگير ترين شگر مل جي زيرو پوائنٽ وٽ روجھاڻ مزاري جي ڳوٺ ڪچا راضي جي رھواسي  نادر دشتي جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو.ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان نادر دشتي ٽريڪٽر ڊرائيور هو، جيڪو ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪاهي شگرمل ۾ لاهڻ آيو هو، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پهچايو. جتي ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته نوجوان کي تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو. ان موقعي تي نوجوان جي پيءُ محمد اڪبر دشتي ٻڌايو ته هنن جي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي، ظالمن پٽ کي قتل ڪري ناحق ڪيو آھي.ھوڏانھن لاش گھر آڻڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.