سيد مراد علي شاهه ڏانهن خط…

تحرير؛سهيل جويو 

چئُه! جو توکي چوڻو آ……

قبلا سائين…!

حال احوال مڙئي خير، الله جي فضل ڪرم سان اوهين هن وقت سنڌ جا وڏا وزير آهيو، جنهن تي سڀ کان گهڻو ناز ضلعي ڄامشوري وارن کي آهي جو ڄامشورو اوهان جو پنهنجو تڪ آهي اهو ئي سبب آهي جو اوهان جي وزير اعلي ٿيڻ وقت هن ضلعي وارن مٺايون پڻ ورهايون هيون ته هاڻ سندن مالڪي ٿيندي…

آئون ڄامشوري ۾ هڪڙو "ننڍڙو صحافي” آهيان، ۽ ٿي سگهي اوهان تائين منهنجو هي خط پهچي به وڃي ته به اوهان ڪونه سڃاڻيندا، پر هتي آئون مسئلو پنهنجي سڃاڻڻ وارو نه پر پوري ضلعي جو ٿو رکان، خط جي جواب جي ته  ٪١٠٠ پڪ اٿم ته ڪونه ايندو پر پوءِ به هڪڙي ننڍڙي ڪوشش آهي ته من ڪٿي ڪا هن ننڌڻڪي ضلعي جي ڪا مالڪي ٿي سگهي…

مڃون ٿا ته اوهان انيل ڪپور جي فلم ”نائيڪ“ وارا سي ايم ڪونه آهيو جو هڻي هڪ ڌڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيو نه ئي اوهين سلمان خان واري فلم” گاڊ تسي گريٽ هو” جا هيرا آهيو جو اوهان هڪ ڏينهن ۾ هن ضلعي وارن جون سڀ دعائون توڙي مسئلا حل ڪري ڇڏيو، پر قبلا هتان جا رهواسي چون ٿا ته اوهان کي ته سي ايم سنڌ ٿيندي وقت به ججھو گذري ويو آهي پر ضلعي جي حالت مڙئي ساڳي ئي آهي…

اوهين نه فقط رڳو هن ضلعي جا پر پوري سنڌ جا وڏا وزير آهيو ۽ اوهان کي پوري سنڌ جي چڱي ريت خبر هوندي پر خاص ڪري ضلعي ڄامشوري جي ته وڌيڪ خبر هوندي جو اوهين ڄاوا نپيا هتي ئي آهيو، پر آئون چاهيان ٿو ته ڇو نه هن خط ۾ پاڻ ضلعي ڄامشوري تي هڪ نظر ڦيري ڇڏيون، ان سان ڪو خاص نقصان ڪونه آهي پر ٿي سگهي اوهان کان هلندڙ وقت دوران ڪو حصو وسري به ويو هجي ته اهو ياد اچي ويندو،

قبلا سائين، ڄامشورو پهرين ته دادوءَ سان ڳنڍيل هيو پر بعد ۾ هن کي ضلعي جي حيثيت ڏني وئي،

خدا جي فضل ڪرم سان هن ضلعي جا چار وڏا تعلقا پڻ آهن جن ۾ سيوهڻ، مانجهد، ڪوٽڙي ۽ ٿاڻا بولا خان اچي وڃن ٿا، هن ضلعي ۾ ڪيترا ئي ننڍا وڏا شهر پڻ جو اچي وڃن ٿا جن ۾ ڀان سيد آباد، ٽلٽي، آراضي، لڪي شاهه صدر، آمري، سن، انڙپور، ٻڍاپور، خانوٺ، لاکڙا، خد ڄامشورو شهر، ٿاڻو احمد خان، ٿاڻو عارب خان، سري، ڪرچات، خانپور ۽ ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا شهر اچي وڃن ٿا،پر هتي جا مسئلا گهٽجڻ بجائي هر روز وڌيو وڃن پيا، هتان جا رهواسي، ٽوڙي سڄاڻ ڌريون ته هاڻ چپ جو روزو رکيون وٺيون آهن جو انهن وت وس آهر ڏاڍيون دانهون ڪوڪون ڪيون آهن پر ٿيو سائين ڪجهه به ڪونه آهي..

هونئن ته پوري ضلعي مان امن جي پکي کي اڏيي گهڻو وقت ٿيو آهي اهو ڏينهن خالي ڪونهي جو هتان جي عوام ڪو سک جو ساهه کنيو هجي، پر خد اوهان جي پنھنجي شهر سيوهڻ شريف ۾ پڻ امن امان جي صورتحال خراب آهي جنهن جون شاهد هر روز جون اخبارون آهن، پر قبلا ان تي به اوهان جو ڪو نوٽيس ڏسڻ وٽان ڪونه مليو آهي..

پيئن جي پاڻي جو هوئين ته سڄي ضلعي ۾ بحران آهي، پر توهان جي پنهنجي شهر جي آس پاس وارن علائقن جهانگارا، بوبڪ ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو اڄ ڏوراهن علائقن مان پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن،

ڄامشوري ضلعي ۾ منشيات پڻ عام وکر جيان هلي پئي، جنهن جو تازو ئي هڪ وڏو اسڪينڊل پڻ ٿيو هو، پر پوءِ به هتان جي نوجوان جو نسل تباهه پيو ٿيئي پر قبلا توهان به ڪڏهن ان تي ڪو نوٽيس وٺڻ جي زحمت پڻ ڪونه ڪئي آهي…

توهان کي خبر آهي الائي نه پر هتي هڪڙو کاڻوٺ نالي سان علائقو پڻ اٿوَ، جتان هر روز ڪروڙين روپين جو ڪوئلو نڪري ٿو پر اتان جا رهواسي اڄ پٺ تي پيل اٿوَ، اتي موجود ڪمپنيون اتان جي مقامي ماڻهن کي ڪا سهولت ته ڪونه پيون ڏين پر انهن جو استحصال پيو ٿيئي..

اچو ته رڳو ڄامشورو شهر جي حالت کان واقف ڪيون ته هتي ڇا آهي ڇا نه آهي؟ سائين منهنجا هتان جا رهواسي پڻ هر روز سراپا احتجاج بڻيل آهن ته کين نه ڪا پاڻي جي سهولت آهي نه ڪو ڪاليج، نه ڪا لائبريري نه ئي راندين جو گرائونڊ آهي..!

هتان جي اسپتالن به حال پورا اٿوَ، خود اوهان جي شهر سيوهڻ شريف ۾ موجود اوهان جي والد صاحب جي نالي سان منسوب اسپتال ۾ پڻ ماڻهو علاج نه ٿيڻ جون دانهون پيا ڪن، ضلعي جي هڪ وڏي اسپتال لمس ۾ ماڻهن جو ڪو سٺو علاج ڪونه پيو ٿيئي پر توهان ڪڏهن ان تي به ڪا نظر ڪونه ڪئي آهي..

ڪيڏي نه خوشي جي ڳالهه آهي ته هتان ڄامشوري مان گئس به نڪري پيو، پر هتان نڪرندڙ گئس پڻ هتان جي رهواسين لاءِ ناهي، جنهن لاءِ پڻ هڪ وڏي تحريڪ هلي پر توهان تائين شايد اها ڳالهه به ڪونه پهتي،

هتي هن ضلعي ۾ ڪيترائي قبيلائي جهيڙا پڻ هلندڙ آهن جيڪي وڃن پيا انساني جانيون ڳهيندا پر توهان ان تي به ڪا نطر ڪونه ڪئي آهي

ڄامشوري تعليم جو شهر آهي، پر هتان جي يونيورسٽين جي حالن جي ته توهان کي به خبر هوندي، تعليم جي ته ٻيڙو ٻوڙيون ويٺا آهن پر هر سال فيسن ۾ به اضافو ٿيندو پيو وڃي، جنهن لاءِ پر شاگرد ويچارا احتجاج ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهن پر ڪير به ڪونهي جو انهن جو آواز ٻڌي،

ٻيو ته اوهان جي نظر صفا ڪونهي تڏهن ته هتان جي يونيورسٽين لمس ۾ هن وقت تائين ڪو وائيس چانسلر مقرر نه ٿيو آهي، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ پرمنٽ رجسٽرار ڪونهي، مهراڻ يونيورسٽي جو وي سي پڻ ريٽائرڊ ٿي ويو آهي پر نئون مقرر ڪونه ٿيو آهي شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽيءَ ۾ ته مراڳو وي سي ۽ رجسٽرار به ڪونه آهن اتي پڻ عارضي ڪم پيو هلي…

قبلا سائين..!

ڪهڙا ويهي سور ٻڌايون؟ بس هاڻ هن ضلعي جي عوام جون اميدون وري به توهان تي آهن، اهي مايوس ضرور آهن پر کين وري به پڪ آهي ته انهن جي ورهايل مٺائي سجائي ٿيندي ۽ هن ضلعي جي عوام جو ڪجهه ٿي پوندو…

شل سدائين آباد هجو…

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.