سفر ۾ سپنا جون سارُوڻيون

تحرير؛نصرت سڪندر

سپنا ننڊ ۾ به ايندا آهن، ته جاڳ ۾ به… پوءِ اها ننڊ يا جاڳ گھر ۾ هجي… يا سفر ۾… خاص طور اهي سپنا، جيڪي سارَ جي صورت ۾ جيءَ کي جھوريندڙ هجن ۽ حقيقت ٿي سفر دؤران سامهو اچن، ته منٽن جو سفر به ورهن جيڏو طويل ٿي ويندو آهي. روح کي رهڙيندڙ اهي لمحا ڳَلي ۾ ڳوڙهو بڻجي اٽڪي پوندا آهن. ايئن محسوس ٿيندو آهي ته شايد ايندڙ ساھ کڻڻ  به ممڪن ناهي.

اها ڪيفيت بيان ڪرڻ لاءِ به ساڳئي ئي تجربي مان گذرڻو پوندو آهي، نه ته ”حق اليقن“ واري درجي کان گھٽ اها ڳالھه سمجھڻ ممڪن ناهي. ان ڪيفيت ۾ پنهنجيءَ ئي دل جي ڌڙڪن جو آواز پنهنجن ڪنن ۾  صاف ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي… دماغ سُن ۽ جسم بي ستو ٿي پوندو آهي… پنهنجن پيارن جُون سارُوڻيون سڀني لاءِ تڪليف ڏيندڙ هونديون. ڇاڪاڻ ته ”اها جاءِ جلي، جتي باھ ٻري…!“ اهو سپنو، جيڪو اُن ڏينهن کانپوءِ، سار بڻجي سفر ۾ سدائين منهنجي سامهون ٺيڪ اُن جاءِ تي ايندو آهي ۽ هيل به آيو، جتي اهو سڀ ڪجهه اڄ کان ٽي سال اڳ ٿي چڪو هو.

’سپنا‘ جي سارَ…  ان وقت ساڳئي ئي ڪيفيت منهنجي هئي…

آچر 2 جنوري 2022ع تي، لاڙڪاڻي مان ڪراچيءَ طرف ويندڙ سواريءَ ۾ سفر دؤران، شام جو 5 لڳي 8 منٽن تي آيل پنڪيءَ مان ڇرڪ ڀري اُٿيس… ڄڻ رُوح مان ڪا سَٽ اُڀري… ساھَ بريءَ ريت اُلجھڻ لڳا… ڇو ته ان وقت مان ڪو سپنو ڏسي رهي رهيس… پنهنجي ڀيڻ، سپنا گل سان سلهاڙيل سپنو… ساھ ۾ مُونجهه سبب اک کُلڻ ڪري مون وڏو ساھ کنيو. ڪوچ جي 13 نمبر سيٽ جي دريءَ مان ٻاهر نهاريندي رهيم ۽ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته ڪٿي پهتا آهيون… ته اوچتو ڪوچ جي ڪنڊڪٽر جو آواز آيو… جنهن دادوءَ شهر جي مسافرن کي سندن لهڻ واري اسٽاپ پهچڻ جو اطلاع ڏنو. منهنجو ساھ ويتر مُنجهڻ لڳو… نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڊو اٽڪيل محسوس ٿيو… چپَ ٺَوٺ بڻيل هئا… منهنجي اکين ۾ سپنا جي لوحِ مزار تي لکيل سندس اهو شعر آلين اکين سان مُرڪڻ لڳو:

سڀ دريُون درَ ورِي ورائي ڇڏ!

ساھُ ٻُوساٽجي هوائن سان

پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي ٻه ڍُڪ پيتم… جيڪي نڙيءَ کي چيريندا اندر ويا. پاڻ کي سنڀالڻ لاء گَهرا اُونها ساھ کڻڻ لڳس. اِهو اُهو ئي دادُو آهي، جنهن جي باءِ پاس وٽان گذرندي، لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ طرف سفر ڪندي، سندس ساھ جو سڳو ٽُٽو هو… لاڙڪاڻي مان صحت جي پيچيدگين، سبب پنهنجي ڀاءُ جي هدايت مُوجب ڪراچيءَ ايندڙ سپنا جي فرشتن کي به اها خبر ڪانه هوندي ته اهو سفر سندس حياتيءَ جو آخري سفر آهي ۽ سندس ساهن جو سلسلو، ان ئي استاد بخاريءَ جي شهر ٻاهران کُٽڻو آهي، جنهن سان پنهنجي پيءُ جي بدؤلت سندس ٻالجتيءَ ۾ ڪيل ملاقاتُون سندس شاعراڻين لکڻين جو اتساهه رهيُون… جڏهن اهو سوچيم ته سندس آخري گھڙين ۾ جڏهن سندس ساهه جي مُونجهه وڌي وئي، ته سندس ان آخري سفر ۾ همسفر، سندس ورَ، دادو باءِ پاس تي واقع ڪنهن ريسٽورنٽ تي گاڏي بيهاري، کيس گاڏيءَ مان ٻاهر لاهي، کليءَ فضا ۾ ساهه کڻڻ لاءِ ڪرسيءَ تي ويهاريو، ته جيئن هوءَ بهتر محسُوس ڪري سگهي… ته مان سفر ۾ دادُو باءِ پاس تي واقع هر هوٽل ڏانهن آلين اکين سان نهاريندي اهو سوچيندي رهيس… ته نه ڄاڻ اهو ريسٽورنٽ اهو ته نه هو؟ ڪٿي اهو هي ته نه هو… جتي منهنجي ڀيڻ اهي آخري ڏکيا پل ڪاٽيا ۽ الائي ڪنهن ڪنهن کي ياد ڪندي، پنهنجي جيون جا اهي املهه آخري ساھ کنيا.

سيوهڻ کان دادوءَ جي وچ وارو رستو ۽ جنوريءَ سان سلهاڙيل سپنا جي سارَ، مونکي جھوري وڌو… ڇا ڇا نه ياد ايندو رهيو…! سندس مرڪُون… سندس مڌُر آواز ۾ ڳايل شاھ جُون وايُون ۽ پڙهيلَ بيتَ، ريڊئي تي وڄندڙ سندس پروگرامن ۾ سندس حسين آواز جا پڙلاءَ، سندس رنگن سان کيڏيل رانديون… موتيءَ داڻن جهڙي سندس خطاطي… سندس گهرداري… سُگھڙ انداز… سندس ڪامياب پرسنل ۽ پروفيشنل زندگي… ان ڪامياب ذاتي توڙي پشاوراڻيءَ زندگيءَ ۾ پاڻ مڃائيندڙ، پروفيسر نائلا گل ”سپنا“ قاضيءَ جو مهڪندڙ، ٻهڪندڙ، ٽهڪندڙ ۽ چهڪندڙ چهرو… سندس شانائتي پيشاني… سندس روشن رُخسارَ… سندس ننڍپڻ جا نخرا ۽ نازَ… چئن ڀائرن جي اڪيلي ۽ وڏور ڀيڻَ جي حيثيت ۾ سندس انگلَ… ٻاراڻي عمر ۾ وڏڙين واري سارَ سنڀال… ۽ قائداڻيُون صلاحيتُون…

ڇوڪراڻيءَ عمر ۾ اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽيءَ تائين مليل انعامَ، اعزازَ، ايوارڊَ ۽ روارڊ… سنڌي ادب ۾ ماسٽرز جي امتحان جي نتيجي ۾ مليل ”وائيس چانسيلرس گولڊ ميڊل“… علم ۽ ادب جي ميدان ۾ ’جِينيَس‘ هجڻ ته هن جي ’جِينس‘ ۾ هو. مقصُود گل ۽  گلنار بدر جي جهوليءَ ۾ پَليل هڪ ساڃاھ وند نياڻي، نائلا گل ”سپنا“، سنڌ جي نياڻين جو اتساھ هئي. جنهن جي مانَ ۾ مقصُود گل پاڻ اُٿي بيهي سندس استقبال ڪندو هو… ڄڻ ته سندس مڃتا ۽ توقير جو ثبوت ڏيندو هو. جنهن سندس نالو، فلسطيني حريّت پسند ”ليليٰ خالد“ جي نالي تي رکيو هو.

رتيديري جو ”المنظر هائُوس“ هجي، يا ڪراچيءَ جي ”منزلِ مقصود“، سهڻي مقصود گل جي هر گهر ڀاتيءَ جي رُوح مان، هن واٽ جي هن اذيتناڪ موڙ تان گذرندي مون جهڙي ئي سَٽ اُڀري هوندي… جيءُ جهرندو هوندو. اها بهادر ماءُ، جنهن جوانيءَ ۾ پنهنجي اڪيلي نياڻي وڃائي، جيڪا سندس ڀيڻ مثل به  هئي ته سهيليءَ وانگر به… صلاحڪار به هئي، ته ساٿياڻي به… تنهن عظيم ماءُ تي سندس وڇوڙي کانپوءِ ڇا گذرندي هوندي!

8 ڊسمبر 1977ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ذرخيز شهر نئين ديري ۾ پنهنجي ناناڻي گھر جنم وٺندڙ، سنڌيءَ جي هيءَ سهڻي شاعر، نثر نويس، استاد، خطاط، ڪمپئر ۽ باصلاحيت نياڻي، پروفيسر نائله گل ”سپنا“ قاضي… سنڌ جي سُونهن بڻيل سهڳڻي شاعر، عالم ۽ سچل سائينءَ جي شارح، مقصود گل جي گهر ۾  پهريٺِي ٻار جي حيثيت ۾، پنهنجي گھر جِي سُونهن بڻجي ڄائي. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول نمبر 2 رتيديري مان  1987ع ۾ مڪمّل ڪري، ميٽرڪ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول رتيديري مان 1992 ۾ ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ گرلس هاير سيڪنڊري اسڪول رتيديري مان 1989ع ۾ پاس ڪري، شاهه عبداللطيف يُونيورسٽي خيرپور مان 1997ع ۾ بي. اي. ۽ سال 2000ع ۾ ساڳئيءَ ئي مادرِ علميءَ مان سنڌي ادب ۾  ايم. اي. جو امتحان”فرسٽ ڪلاس ــ فرسٽ پوزيشن“ ۾ پاس ڪري، مٿي ذڪر ڪيل سوني ٻلي جي حقدار قرار ڏني وئي. پنهنجي وڇڙي وڃڻ کان ٻه سال اڳ ساڳئي ئي اداري ۾ ايم. فل. ۾ رجسٽر ٿي ڪورس ورڪ ۾ رُڌل هئي.

سندس پورو تعليمي ڪيريئر، هڪ ذهين ۽ باصلاحيت شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان گذريو. پنهنجي اعليٰ تعليمي قابليت جي بدؤلت، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، 2008ع ۾  سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي ۾ سنڌيءَ جي ليڪچرار مقرر ٿي ۽ درس ۽ تدريس جو خانداني پيشو پنهنجائَي، گورنمينٽ ’اَپوا‘ ڪاليج ڪراچيءَ مان پاڙهڻ جو سلسلو شروع ڪري، سُتت پوءِ بدلي ڪرائي، گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ جوش ۽ جذبي سان جاري رکيائين. ان کان 13 سال اڳ ئي، پنهنجي گريجوئيشن کانپوءِ ئي نائلا گل، پنهنجي ڏاڏَي، ۽ سنڌ جي هڪ ٻئي ماڻڪَ موتي لعلَ، نالي واري شاعر، استاد ۽ صحافيءَ، قاضي عبدالحيّ ”قائل“ جي نالي پٺيان پنهنجي والد پاران قائم ڪيل اسڪولَ، ’عبدالحيّ قاضي ماڊل اسڪول‘ ۾ پڙهائيندي رهي ۽ انتظامي خدمتن ۾  پنهنجي والد سان هٿ ونڊائيندي رهي. ان دؤران هوءَ، ان ئي اسڪول ۽ سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتيديري پاران جاري ٿيندڙ سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ان وقت جي مشهور رسالي ”گلدستو“ جي سب ايڊيٽر جي حيثيت سان رسالي جي سهيڙ جو ڪم پڻ تندهيءَ سان ڪندي رهي، جنهن جو مُدير، پاڻ پنهنجي سِر، مقصود گل هو.

هڪ عظيم علمي، ادبي ۽ تعليمي گهراڻي ۾ اک کوليندڙ با صلاحيت ٻار جي حيثيت سان نائله، لکڻ جي شروعات پنهنجي ننڍپڻ کان ئي ڪئي هئي. سندس پهرين تحرير هڪ نظم هو، جيڪو هڪ سنڌي اخبار ۾ ”نائله مقصُود گل“ جي نالي سان سندس اسڪولي شاگرديءَ واري دؤر ۾ ڇپيو هو. سپنا گل باضابطه طور تي 1993ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ لڳ ڀڳ انهن ئي ڏينهن ۾ ڇپجڻ پڻ شروع ڪيو. هوءَ بنيادي طرح شاعره هئي، پر سندس نثر به ڪمال جو هو. ايم. اي. سنڌي لاءِ سسئيءَ جي اڏول ڪردار جي ڀٽائيءَ ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي زباني شاعراڻي اظهار جي عنوان تحت، نامياري محققّ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ۽ ملڪ نديم جي نگرانيءَ ۾ لکيل سندس تحقيقي مقالو، ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان“ سندس نثري صلاحيت جو شاهڪار آهي. سندس مواد کي مجمُوعن جي صورت ۾ ترتيب ڏنو وڃي، ته اهي ٽن ڪتابن جي صورت ۾ پڌرا ٿيندا.

منهنجي سهڻي سنڌڙيءَ جي هن سهڻِي، نرالي نؤجوان شاعره ۽ گهڻ صلاحيتي شخصيت کي بظاهر ڪابه وڏي بيماري ڪانه هئي، پر کيس وڇوڙي کان ڪجهه عرصو اڳ ساهه مُنجھڻ جي شڪايت ٿي. ٽيسٽن کانپوءِ ڊاڪٽرن کيس ڦڦڙڻ ۾ پاڻيءَ ڀرجڻ جو اشارو ڏنو. سندس معالجن ته کيس لاڙڪاڻي ۾ ئي علاج لاءِ اسپتال داخل ٿيڻ جي صلاح ڏني، پر سندس گھر ڀاتين لاڙڪاڻي ۾ سندس ڪنهن به قسم جو علاج ڪرائڻ کان اجتناب ڪندي، کيس ڪراچيءَ اچڻ جو مشورو ڏنو. گهر ڀاتين جي اهڙيءَ صلاح موجب هن آچر، 27 جنوري 2019ع تي لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ طرف سفر پئي ڪيو، ته منجھند جو سوا 1 لڳي ڌاري، دادوءَ مان گذرندي، کيس اوچتو ساھ ۾ مُونجهه ٿي، جيڪا ڪجهه ئي لمحن ۾  ايتري وڌي وئي، جو کيس آڪسيجن جي مدد ڏيارڻ لاءِ دادوءَ جي سول اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ آندو ويو، پر دادُو باءِ پاس کان اسپتال پهچڻ جي وچ ۾ ئي چند لمحن اندر هن پنهنجو دم، پنهنجي خلقڻهار حوالي ڪيو… ۽ ڄڻ هن پنهنجو پاڻ کي هر ممڪنه ايندڙ تڪليف کان آجو ڪرائي ورتو، پر پنهنجن پيارن کي هميشه جي جدائيءَ جو روڳ ڏئي، ”سپنا“ جي نالي واري، جيئري جاڳندي حقيقت ڪنهن سپني جيان هميشهه جيان گم ٿي وئي.

کيس دادُوءَ مان ڪراچيءَ آندو ويو. اها سپنا، جيڪا ڪراچيءَ لاءِ لاڙڪاڻي مان ڪار ۾ نڪتي هئي، ڪنهن کي خبر هئي ته اها دادُوءَ کان باقي سفر ايمبولنس ۾ ان طرح طئي ڪندي! ۽ مورڙي جي شهر ۾ سندس گھر ڀاتي ڪنهن اسپتال بجاءِ ملير جي ماڊل ڪالونيءَ ۾ وڇايل سندس ئي تڏي تي سندس استقبال ڪندا. سندس وڇوڙي جي ٻئي ڏينهن، سومر، 28 جنوري 2019ع تي کيس ڪراچيءَ جي ملير ماڊل ڪالونيءَ ويجهو، ايئرپورٽ ’رَن وي‘ جي ڏکڻ مائل اوڀارين ڇيڙي جي بلڪل سامهون واقع، مهراڻ ڊيپو روڊ واري قديم شهرِ خموشان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ۽ ’سپنا‘، سپنو بڻجي، ڪنهن جي به دل ڏُکائڻ بنا… ڪنهن کان به ڪجهه گُھرئي بنا… اسان سڀني جي رُوح تي وڍَ جو نشان ڇڏي، مُرڪندي جهان ڇڏي وئي… ۽ اسانجي ڪَنن ۾ پنهنجي جُھونگاريل ڀٽائيءَ جي ان وائيءَ جي بازگشت هميشه لاءِ ڇڏي وئي ته:

ڪارُون وسَ ڪيام…

لڏَي ڏُور ويام…

منهنجو هوتُ نه موٽيو…

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.