”انڪوائري رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي نيب کي ڇنڊ، خبر آ ته توهان جون مجبوريون ڪهڙيون آهن“

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ نيب طرفان جالم جبا، بئنڪ آف خيبر ۽ بلين ٽري سونامي جي انڪوائري رپورٽون جمع نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي 15 مارچ تائين رپورٽون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ مالم جبا، بئنڪ آف خيبر ۽ بلين ٽري سونامي انڪوائري بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس روح الامين ۽ جسٽس ارشد علي ڪئي.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته نيب هيل تائين ٽن ڪيسن بابت رپورٽ جمع ناهي ڪرائي، جنهن تي جسٽس روح الامين چيو ته آڪٽوبر کان ڪيس ٻڌي رهيا آهيون، اڃا تائين نيب رپورٽ جمع ناهي ڪرائي.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب عظيم داد چيو ته 75 ايڪڙ زمين تي ٻيلي کاتي ۽ ٽورازم ۾ مسئلو هلي رهيو هو.

جسٽس روح الامين چيو ان ڳالهه کي ڇڏيو ته کاتن جي وچ ۾ ڇا هو، ٻڌايو نيب اتي ڇا ڪري رهيو هو؟ اها رپورٽ ڏيو، ٻڌايو ته زمين ڪنهن کي الاٽ ڪئي وئي ۽ ڪيئن الاٽ ڪئي وئي؟ عدالت کي خبر آ ته توهان جون مجبوريون ڪهڙيون آهن.

ڊپٽي پراسيڪيوٽر چيو ته 27 ضلعن ۾ 5 هزار 600 سائٽس جي نشاندهي تي وقت لڳندو، رپورٽ جمع ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.

جسٽس روح الامين چيو ته ڪيترا وڻ سڙي ويا، ڪيترا ٻوٽا ماڻهن خراب ڪري ڇڏيا ۽ هاڻ ڪيترا وڻ آهن، اسان کي رپورٽ ڏني وڃي، مالم جبا ۾ ڪهڙو مسئلو هو؟

عدالت 15 مارچ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.