ڊيرن سيمي جي جاءِ تي جيمز فوسٽر پشاور زلمي جو هيڊ ڪوچ مقرر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 لاءِ پشاور زلمي ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پشاور زلمي موجب جيمز فوسٽر هيڊ ڪوچ ۽ هاشم آملا کي بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.

ڊيرن سيمي مصروفيتن سبب پي ايس ايل جي پهرئين مرحلي لاءِ دستياب نه هوندو، جڏهن ته جيمز فوسٽر ان کان اڳ زلمي سان ٻه سال اسسٽنٽ ڪوچ طور گڏ رهيو آهي.

محمد اڪرم ٽيم ڊائريڪٽر ۽ بالنگ ڪوچ جا فرض انجام ڏيندو، جڏهن ته اڳوڻو ڪپتان انضمام الحق پشاور زلمي جو اعزازي صدر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.