اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي طبعيت ناساز، ڪيسن جي ٻڌڻي رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي عدالت جي ڪازلسٽ رد ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس جي غير موجودگي سبب ڪيسن جي ٻڌڻي رد ڪئي وئي آهي، اطهر من الله جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ جي ڪيسن جي ڪازلسٽ به رد ڪئي وئي آهي.

عدالتي عملي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي طبعيت ناساز آهي، جنهن سبب ڪازلسٽ رد ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.