ڏوڪري لڳ ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، استاد زخمي

ڏوڪري(ن ع آ ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سونهري وٽان ٽريڪٽر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ پرائمري اڪبر علي لوهر زخمي ٿي  پيو، زخمي کي ڏوڪري اسپتال مان طبي امداد بعد لاڙڪاڻي نيو ويو. هوڏانهن زخمي پرائمري استاد اڪبر لوهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊيوٽي تان واپس گهر اچي رهيو هيس ته ٽريڪٽر ڊرائيور شاهنواز جت ٽريڪٽر جو ٽڪر هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو آهي. هوڏانهن واقعي جو اطلاع آريجا يونيورسٽي ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.