قادر ڏنو شاھ واسي نوجوان ڪراچي مان گم

چوهڙ جمالي (ن ع آ) قادر ڏنو شاھ شھر جو رهواسي 35 سالن جو عبدالستار ميمڻ هڪ هفتو اڳ ڪراچي ڪمائڻ ويو، جيڪو چشما ڳوٺ مان گم ٿي ويو.سندس ڀاءُ محمد امين ميمڻ موجب عبدالستار ميمڻ هوڙن تي ڪم ڪرڻ ويو، جيڪو  چشما ڳوٺ مان گم ٿي ويو، اسان سندس ڪافي ڳولا ڪئي آھي پر ڪٿي به سندس ڏس پتو ناهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته گم ٿيل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.