لکي لڳ پلال سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي باهه

لکي غلام شاھ (ت ر) لکي غلام شاھ لڳ سکر-شڪارپور روڊ تي پنجل شيخ ڳوٺ وٽ پلال سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي باھ لڳي وئي، نتيجي ۾ ٽرالي ۽ پلال مڪمل سڙي ويا. ٽريڪٽر ڊرائيور ٻڌايو ته فائر برگيڊ عملي کي فون ڪئي پر نه آيو، پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪيو پر ان باوجود وڏو نقصان ٿي ويو آهي.

  • مخدوم رفيق الزمان طرفان اڳوڻي آءِ جي سنڌ سان ڀيڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت

اڏيرولال (ن ع آ)اڳوڻي گھرو وزير ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان اڳوڻي آئي جي سنڌ سيد مشتاق احمد شاھ، سيد اشفاق احمد شاھ، سيد شفيق احمد شاھ ۽ سيد آفاق احمد شاھ جي وڏي ڀيڻ سيد مقصود احمد جي گھرواري سان ساڻن تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سيد محمد علي شاھ اجلاڻي، زوار فقير حسين علي جعفري، وڏيرو يوسف ڇٽو ۽ محفوظ علي جماڻي موجود هئا. کيبر جي اڳوڻي وائيس چيئرمين جاويد احمد ميمڻ جي تعزيت تي پھتل اڳوڻي گھرو وزير ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق الزمان اڳوڻي وائيس  چيئرمين جاويد ميمڻ جي والد قادر بخش ميمڻ، ڀاءُ حفيظ الله ميمڻ، مرتضيٰ ميمڻ، ابوبڪر ميمڻ، نصير احمد ميمڻ، امتياز ميمڻ، حافظ جمن سان پڻ تعزيت ڪئي. ان موقعي تي سيد محمد علي شاھ، زوار فقير حسين علي جعفري، وڏيرو يوسف ڇٽو ۽ محفوظ علي جماڻي پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.