ميھڙ ۾مختلف برادرين جي جھيڙي ۾ ھڪ ٻار سميت ٻه ڄڻا زخمي

ميھڙ (ت ر)ميھڙ شھر رامپور محلا ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران 12 ورهين جو آزاد سولنگي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقا اسپتال ميهڙ ۾ پھچايو ويو ھوڏانھن ميھڙ ڀرسان ڳوٺ خداد چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران پيرل چانڊيو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارثن تعلقا اسپتال ميهڙ پھچايو ڊاڪٽرن پاران نازڪ حالت ھجڻ ڪري لاڙڪاڻو اسپتال رفر ڪري ڇڏيو آھي ڳوٺ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي آخري اطلاع تائين بنجي واقعن جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.