لتا منگيشڪر آءِ سي يو ۾ علاج هيٺ، دعائن جي اپيل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي ڳائڻي لتا منگيشڪر ڪورونا ۽ نمونيا جي ڪري ممبئي اسپتال جي انتهائي ڳڻتي جوڳي واري وارڊ ۾ داخل آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب لتا منگيشڪر جي بيماري جي حوالي سان تازا اطلاع سامهون اچي رهيا آهن ته ڳائڻي جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر سندس صحتيابي لاءِ مداحن کان دعائن جي اپيل ڪئي آهي.

رپورٽن موجب ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته لتا اڃا تائين آءِ سي يو ۾ آهي، جڏهن ته هو پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هوءَ جلد صحتياب ٿي وڃي، تنهن لاءِ کيس دعا ڪئي وڃي.

ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ لتا جي ترجمان چيو هو ته ڳائڻي جي صحت هاڻي ٺيڪ آهي، جڏهن ته ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هوءَ هاڻي به آءِ سي يو وارڊ ۾ آهي.

ياد رهي ته 92ورهين جي ڳائڻيءَ لتا منگيشڪر کي 9 جنوري تي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو…………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.