ڀارتي بحريا جي جهاز ۾ ڌماڪو، 3 اهلڪار فوت، 11 زخمي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي بحريا جهاز ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار فوت ۽ 11 زخمي ٿي پيا.

ممبئي جي ٻيٽ تي بيٺل ڀارتي نيوي جي جهاز ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 اهلڪار فوت ۽ 11 ٻيا زخمي ٿي پيا آهن.

ڀارتي بحريا فوري طور تي ڌماڪي جو ڪو سبب ناهي ٻڌايو پر چيو ته هڪ بورڊ آف انڪوائري ان واقعي جي جاچ ڪندو. فوتي اهلڪار سينيئر سيلرز هئا پر هو آفيسر رينڪ جا نه هئا. ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.