ڪنڌڪوٽ: مبينا ڏاڍائي جو شڪار نينگر جي والدين جو جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ مبينا بدفعلي جو شڪار نينگر جي والدين جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو.

غريب آباد پاڙي جي رهواسي عبدالڪريم لاشاري پنهنجي گھر واري گل بانو، مبينا ڏاڍائي جو نشاني بڻيل 12 ورهين جي پٽ پپو لاشاري ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي سميت پريس پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نينگر جي والدين ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته جوابدار شيدو شيخ 17 ڏينهن اڳ سندن پٽ پپو کي پنهنجي اطاق تي گھرائي کيس نشو ڏئي زبردستي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو.

هنن چيو ته جوابدار خلاف حد جي پوليس وٽ وياسين، پر اڃا تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدار ڌر جا ماڻهو معاملي تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن.

ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل شھزادو شيخ پنهنجي ڀيڻ مسمات خورشيد خاتون ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪلب پھچي الزامن کي ڪوڙو قرار ڏنو.

مسمات خورشيد خاتون چيو ته سندس 65 ورهين جي بيمار ڀاءُ مٿان لڳايل الزام بي بنياد آهي، نينگر جا والدين بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جن خلاف عدالت ۾ درخواست به ڏني آهي.

هنن ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين کي اپيل ڪئي ته معاملي جي اڻڌري جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.