حماد اظهر پاران پرويز خٽڪ سان بحث واري خبرن جي ترديد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ سان بحث ٿيڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حماد اظهر چيو ته پرويز خٽڪ سان نه منهن ماري ٿي آهي ۽ نه ئي وري ڳالهه ٻولهه ٿي،  هُن وزير اعظم سان ڳالهايو، جنهن تي عمران خان پرويز خٽڪ کي ٻڌايو ته حماد اظهر جي ڏنل ڊيٽا تي ملڪ جي مفاد ۾فيصلا ڪنداسين.

هُن چيو ته تحريڪ انصاف هڪ جمهوري پارٽي آهي، هتي سڀئي کُلي ڳالهائيندا آهن، اسان جي روايتي پارٽي ناهي جتي پارٽي ليڊر جو ٻار به  اچي ويهي ۽  ماڻهن جو ساهه رڪجي وڃي.

حماد اظهر چيو ته پرويز خٽڪ اسان جو وڏو آهي، پارٽي ۾ سڀني کي ڳالهائڻ جو حق آهي.

اسٽيٽ بينڪ بل جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري کي سياسي رنگ ڏنو پيو وڃي، ن ليگ به 2015 ۾ اسٽيٽ بينڪ جي خود مختياري بابت پاليسي جو اعلان ڪيو هو  پر بعد ۾ ان کي فالو نه ڪيو ويو. اسٽيٽ بينڪ جا سمورا اثاثا وفاقي سرڪار جي ملڪيت رهندا،

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته زراعت ۾ حڪومت ڪارٽيلز کي ٽوڙيو آهي، سنڌ سرڪار هر ڀيري سنڌ ڪارڊ کيڏيندي آهي، سنڌ جي اڪثر گيس سنڌ ۾ ئي استعمال ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.