زيادتي متاثر نينگري جو بيان ئي سزا لاءِ ڪافي آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(ويب ديسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ زيادتي ڪيس جي متاثر نينگري جي بيان کي تسليم ٿيل شاهدي قرار ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ 6 ورهين جي نينگري سان زيادتي جي جوابدار ڪامران جي عمر قيد خلاف اپيل خارج ڪرڻ جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.

عدالت فيصلي ۾لکيو ته 6 ورهين جي نينگري کي اسڪول وڃڻ جي هڪ مهيني کانپوءِ شيطان صفت جوابدار ڪامران اسڪول جي واشروم ۾ زيادتي جو نشانو بڻايو، متاثر نينگري عدالت ۾ وڏي آواز ۾ بيان قلمبند ڪرايو، نينگري جو بيان فريادي ۽ شاهد سان ڀيٽ رکي ٿو، ٽرائل ڪورٽ نينگري جو بيان تسليم ٿيل قرار ڏيندي درست فيصلو ڪيو.

عدالت وڌيڪ لکيو ته متاثر نينگري جو بيان تسليم ڪرڻ جي اصول تي عمل ڪرڻ جو بهترين وقت آهي، متاثر شخص جو بيان زخمي ٿيل کان وڌيڪ اهميت رکندو آهي، جوابدار کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ زيادتي جي متاثر شخص جو بيان ئي ڪافي  آهي، وارثن ڪيس جي نتيجن لاءِ نينگري جو ميڊيڪل ڪرايو، ڊاڪٽرن به جنسي زيادتي جي تصديق ڪئي، پراسڪيوشن جوابدار خلاف پنهنجو ڪيس ثابت ڪيو.

جسٽس امجد رفيق نينگري کي واشروم ۾ وٺي ويندڙ شريڪ جوابدار برڪت جي به بريت جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته گوجرانوالا جي ڪينٽ پوليس 2017 ۾ ڪامران ۽ برڪت علي خلاف جنسي زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.