ڪورونا وائرس: اين سي او سي پابنديون لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اين سي او سي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي تيزي سان وڌندڙ شرح کان پوءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ ۽ پابنديون لاڳو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جي سربراهي ۾ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ ڪورونا ڪيسن تي غور ۽ ايس او پيز جي صورتحال تي عملدآمد جو جائزو ورتو ويو.

اين سي او سي موجب سنڌ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتن سان سهڪار جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڪورونا جي صورتحال تي 17 جنوري تي صحت ۽ تعليم بابت صوبائي وزيرن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

تعليم وارن وزيرن جي اجلاس ۾ تعليم جي شعبي ۾ ڪورونا ايس او پيز جي تجويزن تي غور ٿيندو جڏهن ته صحت بابت وزيرن جي اجلاس ۾ سماجي ۽ شادي جي تقريبن، ان ڊور، آئوٽ ڊور ڊائننگ  ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ايس او پيز جي تجويزن تي غور ٿيندو.

اين سي او سي موجب 17 جنوري کان اندروني ملڪ اڏامن ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ کاڌي جي فراهمي تي مڪمل پابندي هوندي جڏهن ته سول ايويئيشن اٿارٽي کي به ماسڪ نه پهريندڙن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اين سي او سي جو چوڻ آهي ته وفاق جا سڀ ادارا ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙن جي خلاف سخت قدم کڻن.

واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ وائرس سبب فوتگيون 29 هزار تائين پهچي چڪيون آهن جڏهن ته ڪراچي ۾ اها شرح سڀ کان بلند 35 سيڪڙو آهي جتي سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليمي سرگرميون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.