شهيد ناظم جوکيو جي حوالي سان سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽيءَ جو شاندار ڪردار

تحرير؛اي اي عباسي

مدي خارج فرسودهه نظام خلاف جهڙي طرح سنڌ جي شعور ڪراچي جي بهادر  سنڌ دوست وڪيل برادري ۾ “ سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي” پاڻ ملهائيندي پئي اچي، انهيءَ تي سندن سڄي سٿ کي سلام پيش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف لوڀ، لالچ، خواهشن ۽ خوف ۾ ورتل سماج آهي ته ٻئي طرف وڪيل برادريءَ ۾ هڪ مثال قائم ڪندڙ ٽيم “ سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي” جو وجود جڙيل آهي جيڪو پوري سنڌ ته ڇا پر پوري ملڪ ۽ دنيا جهان لاءِ اتساهه بيداريءَ جي علامت بڻيل آهي.

ڪراچيءَ جي هنن بهادر وڪيلن جي سٿ پوري ٽيم سان جهڙي طرح پنهنجي مقدس پيشي ذريعي بنا ڪنهن فيس پئسن جي مفت ۾ انسانيت جي ناتي سان خلق خدا جي خدمت ڪري ڏيکاري آهي اها سنڌ جي هڪ نئين تاريخ جڙي رهي آهي، “ سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي” جي اهڙن ساراهه جوڳن قدمن سبب پوري سنڌ کان پوءِ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به وڪيل برادريءَ سميت ٻين شعبن جهڙوڪ صحافي برادري، مختلف يونينز پاران به يڪجهتي ۽ انسانيت جي خدمت ڪرڻ جهڙيون ساراهي خبرون اچڻ لڳيون آهن،

” سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي“ اڳ ۾ سنڌ دشمن کي مختلف موقعن تي قانوني طور طريقن مطابق ۽ انصاف جو مان مٿانهون ڪندي ظلم ڌرين کي مات ڏيندي جهڙي طرح مظلومن جي داد رسي ڪري ڏيکاري آهي انهيءَ تي انهن کي سوين هزارين بي گناهه مظلوم ماڻهو اٿندي ويهندي دعائون ڏيئي رهيا آهن ۽ اهي انهن مظلومن جي دعائن سان واقعي هڪ کان هڪ ساراهه جوڳو قدم کڻي وري وري اسان جي سماج ۾ هڪ ماڊل ڪردار بڻجي ويا آهن، بهادر دوست وڪيلن بهترين، شاندار ۽ مانائتو ڪردار ادا ڪري سوڀ ماڻي آهي ۽ اهڙي طرح ئي شهيد ناظم جوکيو جي ڪيس جي حوالي سان به هاڻي اهي وڪيل بهادر دوست محمد خان شيخ، سيد خليل احمد شاهه، اسد الله راشدي، اصغر ناريجو، ڪاشف عباسي، مجيب ڪوريجو، جاويد اڄڻ، زين لغاري، اياز چانڊيو، سلمان اوڍو، ڪائنات جوکيو، سمير ميمڻ ۽ ٻين کوڙ سارن بهادرن بي مثال ڪردارن جي مالڪ وڪيل برادري سنڌ جي مظلومن جي داد رسي ڪندي جهڙي طرح پنهنجي جان جوکي ۾ وجهو پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان لازوال محبت جو اظهار ڪندي انسانيت جي لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي راهه ڏيکاري آهي انهيءَ تي کين پوري سنڌ سلام پيش ڪري ٿي.

سنڌ جو شعور سمجهي ٿو ته انهن وڪيل دوستن پهريان به ڪيئي بهترين انسانيت جي خدمت جا مثال قائم ڪيا ۽ تازو 6 جون 2021ع تي  سنڌ جي مٿان ڀيانڪ قسم جي ولار خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پوڻ تي ڪانئر قسم جي مافيائن خوفزدهه بڻجي جيڪا ريهرسل ورجائي انهي تي سڄي سنڌ ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڇانيل رهي، انهيءَ ڏهاڙي تي سوين ماڻهو خاص ڪري انهن ۾ اڪثر نوجوان جيڪي 18 سالن جا به نه ٿيا هيا انهن کي به کنڀي کڻي ڪراچيءَ جي جيلن ۾ قيد ڪري باندي بڻايو ويو، انهن کي شايد انهي ڳالهه جي سزا ڏني وئي ته ڪراچيءَ ۾ پرامن احتجاج به ڪو نه ڪري سگهي،

ڇو جو اها ولار ڪنهن غريب مسڪين نه ڪئي هئي پر هڪ عالمي مافيا ۽ سازشي عنصرن جي سرڪرده ٽولي ڪئي هئي، ڪراچي کان ڄامشوري تائين پنهنجي پوري پٽيءَ تي ناجائز غير قانوني قبضو ڪري ڀينگ ڪري ماڻهن کي لٽي ڦري سونهري خواب ڏيکاريا ويا هيا.

جيڪڏهن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ کان پنهنجا ماڻهو انهيءَ ڳالهه لاءِ ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿيا ته  اسان جي ڌرتي تي اهڙي ولار آخر ڪيستائين ڪئي ويندي؟، اهڙي ڌرتي جي ناجائز ولار واري عمل خلاف به سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي پنهنجن مظلوم ماڻهن جي بنا ڪنهن فيس، پئسن جي مفت ۾ ڪيس کنيا ۽ مالڪ جي رضا سان سندن وڏين ڪوششن بعد شاندار ڪاميابيون ماڻيون، انهن وڪيل دوستن جو چوڻ آهي ته شهيد ناظم جوکيو جي دردناڪ موت پوري سوسائٽي، سماج کي بي حسي ڏانهن وٺي وڃڻ بجاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته شهيد ناظم جوکيو ۽ ٻين مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قانون جو سهارو وٺندي مظلومن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪوششون جاري رکون، هن ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون آهي رول آف لا سڀني لاءِ برابر آهي.

مانوارن وڪيل دوستن جو چوڻ آهي شهيد ناظم جوکيو جي ڪيس ۾ ادي شيرين جوکيو جو بهادراڻو ڪردار مدي خارج، دقيانوسي هٿ ٺوڪي ۽ بدبودار سسٽم لاءِ هڪ کليل چماٽ آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن اسان جي ماڻهن کي پنهنجي غير انساني روين جو غلام بڻائيندي تشدد، ڏاڍ ۽ جبر جا پهاڙ ڪيرائيندي شهيد ڪيو ويندو ته پوءِ نيٺ پنهنجي سماج مان بهادري جي علامت بڻيل ڀينرون ادي شيرين جوکيو جهڙيون مظلوم نياڻيون به نروار ٿينديون ۽ موت ڇا آهي؟،

موت ته هڪ ڏينهن مالڪ سان ملاقات جو مقرر وقت آهي، جيڪو ڪڏهن به اچي سگهي ٿو، گهر ۾ کٽ تي ويهڻ کان اهو موت سئو هزار ڀيرا معتبر ۽ شاندار آهي جيڪو جابر، ڪانئر، لٽيري، غدار ۽ قاتل رهزن سان وڙهندي وڙهندي شهادت وارو موت هجي، پنهنجي جائز ۽ بنيادي حقن لاءِ جيستائين اسان نروار نه ٿينداسين ۽ حق  جو نعرو نه هڻنداسين تيستائين ڪائنر بزدل ۽ مدي خارج سسٽم جا ڀاڙيا اسان جي مٿان هروڀرو ڪاهه ڪندي روز ڳڀرو جوان شهيد ڪندا رهندا.

شهيد ناظم جوکيو جو موت هڪ طرف کليل رياستي دهشتگردي ۽ انارڪي خوف هراس ڦهلائڻ آهي ته ٻئي طرف قانون جو مذاق اڏائڻ وارو عمل آهي، هن ڪيس کي ڪو عام ڪيس سمجهي ٻين جڙتو ڪيسن وانگر ڪميشن مافيا جو حصو بڻجندڙ ڪجهه ڪرپٽ ۽ وانگارو پوليس وارا هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ  بجاءِ انسانيت جي ناتي، مخلوق خدا کي انصاف ڏيارڻ جي خاطر اي ٽي سي دهشتگردي وارا قلم شامل ڪندي ڪيس ۾ حقيقت تي  مبني نوعيت کي سمجهندي مظلوم جوکيو خاندان جي شهيدن جي پونئرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آتا آهن.

اسان مان هرهڪ سميت پوليس کي به انسانيت جي ناتي شهيد ناظم جوکيو جي اصل قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ڪي ناجائز ۽ غير قانوني حربا استعمال ڪيا ويا، حڪومتي ناجائز پريشر يا ڪنهن قسم جي ڳڙ ٻڙ پيدا ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي وئي ته پوءِ ضرور قانون جا هٿ وڏا ۽ بلند آهن، انصاف جو مان مٿانهون ڪرڻ لاءِ نه صرف ڪراچي جا سنڌ ليگل ايڊ ڪميٽي جا وڪيل دوست پر ساڃاهه وند، باشعور طبقو سان گڏ پوري سنڌ شهيد ناظم جوکيو جي خاندان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ متحد، منظم ۽ متحرڪ آهي. الله جي مدد سان ڪراچي جي جوکيا خاندان ۾ شهيد ناظم جوکيو جي پونئرن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ، سپريم ڪورٽ جا مانوارا جج صاحبان قانون موجب انصاف ڏيارڻ لاءِ لازمي طرح پنهنجو شاندار ڪردار ادا ڪري پوري سوسائٽي، سماج کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا. نه ته عام ماڻهو سمجهڻ تي مجبور آهي ته وڏن ماڻهن لاءِ هڪڙو ۽ غريبن لاءِ ٻيو قانون ته نه آهي……..! ، جيڪڏهن پنهنجي سماج ۾ “ انڌير نگري چرٻٽ راجا ” وارو سلسلو رهيو ته پوءِ لازمي طرح پنهنجي ملڪ ۾ ڇڙواڳي، بي راهه روي ۽ لُٽمار سبب قيمتي انساني جانيون ضايع ٿينديون رهنديون.

 

 

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.