بهارو ۾ ڏوهه وڌي ويا، ڳوٺ جاڙا کوهه مان لکين رپين جو ڌاڙو

بهارو(ن ع آ ) بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ جاڙا کوهه ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڳوٺاڻي پرويز ڪلهوڙو جي گهر گهڙي الماڙين جا تالا ٽوڙي اڍائي لکن جي مالڪيت جا  2 تولا سونا زيور، ڪپڙا سلائي مشين جو موٽر ۽ سندن دڪان جا تالا ٽوڙي 60 هزار روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا. ياد رهي ته 2 هفتا اڳ بهارو ٿاڻي جي سامهون صحافي جاويد پنهور جي جنرل اسٽور مان لڳل لکين روپين جي ڌاڙي جا پوليس هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن مان واضح ٿئي ٿو ته بهارو پوليس ڏوهن تي ضابو آڻڻ  ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي اهڙي ريت هر آئي ڏينهن چوري، ڦرا جون وارڌاتون روز جو معمول بڻجي ويو آهي جنهن ڪري علائقو بدامني جي ورچڙهي ويو آهي جنهن سبب غريب ۽ اٻوجهه ماڻهو عزت، مال ۽ ملڪيت جي تحفظ خاطر راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.