نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، رتوديرو ۾انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو

رتوديرو   ( رپورٽ: طفيل ساريو ) رتيديري ڀرسان  ڳوٺ ننڍا ٻوسڻ ۾ گھانگھرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار تان قتل ٿيل ھزار گھانگھرو جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف رتو ديرو شڪارپور روڊ انڊس ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي  علي گل گھانگرو ، عرفان گھانگھرو ، اسد گھانگھرو ، صابر گھانگھرو ، راحب گھانگھرو ۽ ٻين ميڊيا آڏو  دانھيندي چيو ته ھڪ مھينو اڳ طالب گھانگھرو، مھراب گھانگھرو ، صغير گھانگھرو  وسيم گھانگھرو ، عبدالخالق گھانگھرو ، اختيار گھانگھرو  ۽ ٻين  بي گناھ ھزار خان  گھانگھرو کي قتل ڪيو، جنھن جي ايف آءِ آر رتيديري ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي پر ھن وقت تائين ايس ايڇ او رتوديرو عبدالغفور ڇٽو جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي ڪنھن به قسم جي ڪارروائي عمل ۾ نه آندي آھي ۽ نه وري قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدار گرفتار ڪيا آھن ، پوليس جي اھڙي رويي سبب جوابدار ڌر ويتر اسان جي مٿان فائرنگ ڪري ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رھي آھي ۽ اڄ به اسان جي گھرن مٿان فائرنگ ڪئي وئي آھي، اھڙو اطلاع رتوديرو ٿاڻي تي پڻ ڏنو پر پوليس ھن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي،  ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته ھزار گھانگھرو جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري کين تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.