ٿر جيپ ريلي شروع، مقابلا جاري، مقابلا هر سال ڪرائبا: ارباب لطف

مٺي (رپورٽ: غازي بجير) سنڌ جي راندين واري کاتي پاران مٺي ۾ ٽن ڏينهن جي منعقد ٿيندڙ ڊزرٽ چيلينج  جيپ ريلي جو باقاعده افتتاح  وڏي وزير جي راندين بابت صلاحڪار ارباب لطف الله ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مير نادر علي مگسي ٿر ريلي وليج چيلهار روڊ مٺي ۾ ربن ڪٽي ڪيو، ٽن ڏينهن وارا مقابلا جاري آهن، ان موقعي تي راندين بابت صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊزرٽ چيلينج جيپ ريلي ٿر ۾ منعقد ڪرائڻ جو مقصد نه صرف ٿر ۾ راندين، سياحت، ثقافت کي پوري دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ سان گڏ ٿر ۾ معيشت کي هٿي وٺرائڻ آهي. جئين هتي جي مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ٿي سگهي، سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ٿر ۾ وڌ ۾ وڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ تحت روزگار جا موقعا فراهم ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان قسم جي راندين جا مقابلا هر سال منعقد ڪرايون، ٿر جي ماڻهن جي دلچسپي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٿر جا ماڻهن به راندين جي منعقد ڪرائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا،صوبائي صلاحڪار ارباب لطف الله چيو ته منهنجي پوري ڪوشش هوندي ته راندين واري کاتي پاران راندين جي فروغ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون وڃن. افتتاحي تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر محمد نواز سوهو، ايس ايس پي ٿرپارڪر سردار حسن نيازي، ونگ ڪمانڊر پاڪ رينجرز ڏيپلو ڪرنل زاهد، اڳوڻي  ضلع ڪائونسل جووائيس چئيرمين ڪرني سنگهھ، ارباب امان الله، پ پ اڳواڻ خالد سراج سومرو، سشيل ملاڻي، ونود ملاڻي ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

  • جيپ ريلي، مير نادر مگسي پهرين نمبر تي

مٺي: ڊزرٽ چيلينج جيپ ريلي ۾ پهرين ڏينهن ڪوالفائنگ ريس مقابلي ۾ 1.7 ڪلو ميٽر جي  ريس ۾ مير نادر علي مگسي پهرين نمبر، چوڌري خرم ٻئين نمبر تي ۽ شيراز قريشي پوزيشن حاصل ڪئي، ڪواليفائي ريس مقابلن ۾ 84 گاڏين حصو ورتو، ڊزرٽ چيلينج جيپ ريلي ۾ حصو وٺندڙ گاڏين کي 4 ڪيٽگرين ۾ ورهايو ويو، اڄ ڪيٽيگري تحت ريس جا مقابلا ٿيندا، اهڙي طرح اٺن جي ڊوڙ،گهوڙن جي ڊوڙ، ميراٿن ريس ۽ ملاکڙي جا مقابلا منعقد ٿيندا، رات موسيقي جو پروگرام مٺي جي گڊي ڀٽ تي منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي راڳين ۽ مقامي فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

  • صحت کاتو سرگرم، مني ڪئمپون، 5 ايمبولينس موجود

مٺي: راندين واري کاتي پاران مٺي ۾ منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ڊزرٽ چيلينج جيپ ريلي ۾ صحت کاتو سرگرم رهيو، ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٿرپارڪر ڊاڪٽر پير غلام حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊزرٽ چيلينج جيپ جي ريس ۾ صحت کاتي پاران ٿر ريلي وليج ۾ مني طبي ڪئمپ قائم ڪئي، جڏهن ته داخلي رستي تي مرڪزي طبي ڪئمپ لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ دوائن جي سهولت پڻ فراهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوري ضلعي ۾ هيلٿ ايمرجنسي لڳائي داخلي ۽ خارجي انٽري پوائنٽس تي پڻ طبي ڪئمپون لڳايون ويون آهن،اهڙي طرح فور باءِ فور جون 5 ايمبولينس گاڏيون پڻ موجود آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.