ٽوئيٽر واهپيدارن کي اسپيس رڪارڊنگ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ۽ مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر سمورن واهپيدارن کي اسپيس رڪارڊ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ڇڏي.

ٽوئيٽر طرفان واهپيدارن لاءِ گذريل سال ”اسپيس“ جي نالي سان آڊِيو روم جي سهولت متعارف ڪرائي وئي هئي، جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ ان سروس جو دائرو وڌايو ويو آهي.

شروعاتي ڏينهن ۾ اها سهولت رڳو آءِ فون واهپيدارن کي مليل هئي وقت ۽ خواهش کي نظر ۾ رکندي اينڊرائيڊ واهپيدارن کي به اهو فيچر پيش ڪيو ويو آهي.

اسپيس روم ٺاهڻ لاءِ فالورز جو هڪ خاص انگ گھربل هوندو هو جنهن کان پوءِ ان کي ختم ڪيو ويو آهي.

ان کان پوءِ ٽوئيٽر واهپيدارن کي اسپيس روم رڪارڊ ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي هئي هاڻ واهپيدارن مان مان فائدو وٺي سگھن ٿا ڇو جو ڪمپني سڀني کي رڪارڊنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ٽوئيٽر موجب سڄي دنيا ۾ موجود سڀ واهپيدار جيڪي اسپيس هوسٽ ڪندا آهن کين هاڻ آڊيوروم ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ جي اجازت هوندي. اهڙي اسپيس جو حصو بڻجندڙ واهيپدارن جي اسڪرين تي رڪارڊنگ جو آگاهي پيغام به ظاهر ٿيندو.

اسپيس جي اها رڪارڊنگ هڪ مهيني تائين محفوظ رهندي ۽ هوسٽ کي ان کي پنهنجي مرضي موجب پبلڪ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار به حاصل هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.