ڪنڌڪوٽ: ايس ٽي پي جو ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ ڀرسان سنڌ ترقي پسند  پاران ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪري خلاف بک هڙتال ڪئي وئي.

ايس ٽي پي جي ميزباني هيٺ ڪيل احتجاج ۾ سياسي، سماجي ڌرين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ايس ٽي پي جي ضعلي صدر اڪرم باجڪاڻي جرنل سيڪٽريري شربت نيدواڻي نائب صدرمهتاب ملڪ ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڊي سي ۽ اي سي ڪنڌڪوٽ ۾ آبادگارن کي ڀاڻ نه ملڻ جو سبب آھن، انتظاميا جي ملي ڀڳ سان ڊيلر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن ۽ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڊيلر آبادگارن جي رت چوسي رهيا آهن، سنڌ حڪومت ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي هنن چيو ته ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪري بليڪ تي وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃِي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.