ڪورونا جي علاج لاءِ ٻن نئين دوائن جي منظوري

صحت جي عالمي اداري (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) ڪورونا انفيڪشن جي ٻه عدد علاج جي نون طريقن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ڊبليو ايڇ او ڪورونا وائرس سبب شديد انفيڪشن ۾ مبتلا مريضن لاءِ ٻن دوائن جي مرڪب تي ٻڌل علاج جي منظوري ڏئي ڇڏي.

برٽش ميڊيڪل جرنل موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته جوڙن جي سور جي دوا باريسيٽينيسب (baricitinib) کي هڪ ٻي دوا ڪورٽيڪوسٽيرائيڊز (corticosteroids) سان گڏ ڪورونا جي شديد مريضن جي علاج لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان دوا جي استعمال سان انفيڪشن ۾ مبتلا مريضن جي زنده رهڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا ۽ وينٽيليٽرز جي ضرورت گھٽ ٿي وڃي ٿي.

طبي ماهرن گھٽ مدافعت رکندڙ ماڻهن لاءِ مصنوعي اينٽي باڊ ٽريٽمينڊ سوٽروويميب (sotrovimab) جي به سفارش ڪئي آهي.

پر صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته اومي ڪرون قسم جي خلاف ان علاج جو تاثير هيل تائين غير يقيني آهي. ڊبليو ايڇ او جي سربراهه ٽيڊروس ايڌانوم جو چوڻ هو ته اومي ڪرون ڊيلٽا جي ڀيٽ ۾ گھٽ شديد بيمار ڪندڙ آهي، پر اهو هڪ خطرناڪ وائرس آهي. خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ويڪسين ناهن لڳرائي رهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.