واهڻ وستي مان 17 جنوري تي قافلا سن پهچندا: صنعان قريشي

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ تاريخي سياسي  جلسي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جسقم ميڊيا سينٽر قاسم آباد پاران جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جو فڪر سنڌ جي تاريخي حيثيت جي بحالي جو فڪر آهي. 17 جنوري تي سنڌ جي هر ڳوٺ، واهڻ وستي ۽ شهرن مان قافلا سن پهچندا. سيد، سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ڪلچر، سياست، سماجيات، فلسفي، مذهب تي 52 ڪتاب لکي سنڌ مٿان تاريخ جي دز دور ڪري وساريل سنڌ ياد ڏياري آهي. سيد جي پيغام ۾ عالم انسانيت، امن، رواداري، محبت ۽ سهپ جو پيغام آهي جنهن کي اڃا وڌيڪ عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگرھ جي موقعي تي سن ۾ سياسي جلسي کي جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين صنعان خان قريشي اھم خطاب ڪندو .جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت سان گڏ سيد جي مزار تي 1 وڳي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ 2 وڳي منجهند جو سيد جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽي سياسي جلسي جي شروعات ڪئي ويندي. جسقم جو چوڻ آهي ته حڪمرانن جي نااهلي سبب سنڌ ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي آهي. پورهيت طبقو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي تنهن ڪري سنڌ ۾ پورهيتن جي پگهار گهٽ ۾ گهٽ 30 ھزار مقرر ڪئي وڃي.

  • لاڙڪاڻي لڳ  ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، عورت سميت 3 زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر آباد ٿاڻي جي حد علي گوهر آباد پاڙي ۾ عباسي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جڳهه جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جتي لٺيون لڳڻ سبب شادي شده عورت صبيحه خاتون عباسي سندس پٽ شعيب عباسي ۽ ڀاءُ شوڪت عباسي رتورت ٿي ويا جن کي سندن گهر ڀاتين زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي عورت صبيحه عباسي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجو ڏير ممتاز علي عباسي پنهنجي پٽن سان گڏجي ڪيترن ئي ڏينهن کان مسلسل اسان جي جڳهه تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن اڄ پنهنجي پٽن سان گڏجي گهر ۾ گهڙي لٺيون هڻي اسان کي گهر مان ڪڍڻ بعد گهر تي قبضو ڪري ويهي رهيو آهي اهڙي دانهن کڻي اسين علي گوهر آباد ٿاڻي تي وياسين پر پوليس اسان جي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بجاءِ ڏير کان ڳري رشوت وٺي ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جيڪا وڏي ناانصافي آهي.  هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته جڳهه تان قبضو ختم ڪرائي ڏير ۽ سندس پٽن خلاف ڪاروائي ڪري تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

  • پڊعيدن ۾ بدامني، هفتي اندر ڇهه چوريون، ڳوٺاڻا پريشان

پڊعيدن   ( ن ع آ ) پڊعيدن کان امن لنڪ روڊ سان آفتاب شر کان 2022 سي ڊي موٽرسائيڪل  روڪ رقم اي ٽي ايم ڪارڊ ڦورو ڦر ڪري ويا پڊعيدن کان ڀريا لئنڪ روڊ سنياري ڀرسان امام بخش سومرو کان سي ڊي2022ماڊل موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري ويا پڊعيدن جي مين بازار مان سينيئر صحافي ممتاز علي لاشاري جو چور مين بازار مان پاڻي وارو موٽر چوري ڪري ويا, پڊعيدن کان امن لئنڪ روڊ سان نيبل اعواڻ کي ڌڪ هڻي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان  نامعلوم فورو ڦر  ڪري ويا,پڊعيدن مان هڪ هفتي ۾ ڇهه موٽرسائيڪلون ۽ لکين رپين جون چوريون ۽ ڦرون ٿيون آهن، سياسي سماجي اڳواڻن ايس ايس پي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.