بدين پوليس جي ڪارروائي، مبينا 3 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

بدين ( رپورٽ : رازق ڏنو کوسو ) ايس ايڇ او ڪڙيو گهنور سب انسپيڪٽر ثابت علي چانڊيو اسٽاف سميت گشت دوران ڏوھ جي ارادي سان بيٺل  ٽن جوابدارن شاھنواز چانڊيو شاھد حسين سنگراسي ۽ نورمحمد کي گرفتار ڪري ورتو . جوابدارن جي قبضي مان غير قانوني ھٿيار۽ مشڪوڪ موٽرسائيڪل ھٿ ڪري جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا آهن ايس ايڇ او ڪڙيو گهنور وڌيڪ ڪاروائي ڪندي 470 گٽڪا ھٿ ڪري ورتا جڏھن ته  گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار خالد شاھ فرار ٿي ويو ايس ايڇ او بدين انسپيڪٽر محمد انور لغاري سي آئي اي پوليس سان گڏ ڪاروائي ڪري ھڪ جوابدار پرويز شيخ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جوابدار جي قبضي مان محمد اسلم خاصخيلي جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي جوابدار خلاف بدين ٿاڻي تي موٽرسائيڪل چوري جو ڪيس داخل ٿيل آھي ايس ايڇ او پنگريو سب انسپيڪٽر ذولفقار علي آرائين اسٽاف سميت ڪچي شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو هڻي 245 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري ورتو پوليس بٺيءَ مالڪ ممتاز عرف ممتو ملاح کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جڏھن ته ھڪ جوابدار رمضان ملاح فرار ٿي ويو ايس ايڇ او ڪڍڻ انسپيڪٽر قربان علي ملاح اسٽاف سميت غلام ملاح جي ڪچي شراب جي بٺيءَ تي ڇاپو هڻي 250 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪري جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ڪاروائي دوران جوابدار غلام ملاح فرار ٿي ويو ٻئي پاسي ايس ايچ او ڏيئي انسپيڪٽر ميھار علي سٺيو اسٽاف سميت گشت دوران ڪاروائي ڪري گٽڪا وڪرو ڪندڙ جوابدار شمڀو ڪولھيء کي 550 سفينه پڙين سميت گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.