منهڙو ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

منهڙو (ن ع آ) منهڙو ويجھو ڳوٺ خالد آباد ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان عمران علي ولد محمد خان ڪورائي فوت ٿي ويو ان دوران وارثن جو چوڻ هو تہ نوجوان مزدوري دوران لوھي گاڊر مٿي کنيو  جيڪو يارنھن ھزار والٽيج تار ۾ لڳو جتان بجلي جو ڪرنٽ لڳو ته بيھوش ٿي ويو جنھن کي مورو اسپتال آندو جتي ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، ھوڏانھن نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.