ميان نواز شريف جي تاحيات نااهلي وارو معاملو

تحرير : غلام مصطفي جمالي

پاڪستان جي سياست ۽ ڄُنڊا پٽ وارو ماحول نه هجي ائين نه ٿو ٿي سگهي ڇو ته هتي جي سياست جي اها روايت رهي آهي ته ڪنهن به حالت ۾ ملڪ ۾ هڪ ٻئي خلاف سياسي جلسا ڪرڻ روڊ بند ڪري ڌرڻا هڻڻ ملڪ جي حالتن ۾ هٽو بچو جو شور پيدا ڪرڻ اهو سڀ ڪجهه هڪ عام ڳالهه ٿي وئي آهي ايتري تائين جو هاڻي عام ماڻهو به انهيءَ طرف ڌيان نه ٿو ڏئي، افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته پاڪستاني عوام سياسي هٽو بچو جو شور ٻڌي ٻڌي ايتري ته بيزار ٿي وئي آهي جو کين پنهنجا حق به وٺڻ وسري ويا آهن.انڪري ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪو وڏو سياسي اشو اٿڻ وارو هوندو آهي ته ان اشو تي بحث ڪرڻ وارا توهانکي هن ماحول ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو ملندا ڇو ته پاڪستان ۾ اڪثر عدالتي جنگ جي موسم  وارو ماحول رهيو آهي.

هن وقت به ڪجهه اهڙو اشو آهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جو صدر احسن بهون ن ليگ جا پير هميشه لاءِ ڪڍڻ وڃي رهيو آهي پر اهو ايترو آسان ناهي. سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئشن جي صدر احسن بهون نواز شريف جي تاحيات نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيو آهي جڏهن ته موجود  حڪومت وري  شهباز شريف جي نااهلي لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.انڪري ڏٺو وڃي ته ن ليگ جا ٻئي اڳواڻ شهباز شريف ۽ نواز شريف نه رڳو پارٽي جا اڳواڻ آهن پر ٻئي طرف شريف ڀائر آهن ۽ پارٽي جا واڳ ڌڻي آهن، انهن ڪري حڪومت جيڪو شهباز شريف جي خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو آهي ۽ احسن بهون ميان نواز شريف جي خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو قابل غور ضرور آهي.اهڙي ماحول ۾ پاڪستان مسلم ليگ به خاموش نه ويٺل آهي. اها به پورو زور لڳائي رهي آهي ته لڳل نااهلي الزام ڪنهن به حالت ۾ ختم ڪرائي وڃي انڪري هڪ طرف نااهلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ٻئي طرف کين نااهل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا، اهو وقت ئي ٻڌائيندو. تنهن هوندي به، اهڙيون قياس آرائيون آهن ته هي وقت ٻنهي طرفن جي عدالتي جنگ لاءِ ڇو چونڊيو ويو آهي.؟خاص ڪري سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن هاڻي نواز شريف جي تاحيات نااهلي ختم ڪرڻ لاءِ ڇو متحرڪ ٿي وئي آهي.

ياد رهي ته عام چونڊن ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سال جو وقت ئي باقي رهيو آهي ۽ ان دوران جيڪڏهن موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو نه ڪيو ته ظاهر آهي ته چونڊون اڳ ئي ٿي سگهن ٿيون.انڪري اهو اهم سوال هر ڪنهن جي ذهن ۾ اڀري رهيو آهي ته ڇا اهو ضروري آهي ته نوازشريف کي عمر قيد مان ڪڍي سندس ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ رستو هموار ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري ڪجهه سياسي واويلا ڪري سڀني جو ڌيان ان طرف ڇڪائي. نوازشريف کي به سزا ٿي چڪي آهي، ڇا هاڻي سندس سزا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿيندي؟ڇو ته ٻنهي صورتن ۾ نواز شريف کي ملڪ ۾ اچڻ کانسواءِ نه رليف ملندو ۽ نه ئي سندس سياسي رستو هموار ٿيندو؟ بهرحال هن وقت سياسي رخ ٻئي طرف مڙئي رهيو آهي ۽ انهي سياسي رخ ۾ ميان نواز شريف جي سزا خلاف اپيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.پر خير هتي جو سياسي ماحول ۽ ملڪي سياست هڪ الڳ رنگ ۽ ڍنگ سان هلندڙ آهي هتي جي سياست ۾ ڪنهن به مهل ڪجهه به ٿي سگهي ٿو،ڇو ته هتي ڪو به قانون پنهنجي مرضي مطابق نه ٿو هلي سزا يافته ڏوهاري اسپتالن جي خانگي ڪمرن ۾ به راتيون گذارين ٿا، ڪو پڇڻ وارو ناهي، پر نواز شريف جو ڪيس ته  هاءِ پروفائيل آهي. سڀني جون نظرون ان تي آهن، اسٽيبلشمينٽ به ان تي ئي توجهه ڏئي رهي آهي، جيڪڏهن نواز شريف جي نااهلي ۽ سزا ختم ٿيڻ لڳي ته اهو وڏو سياسي ڌماڪو هوندو ۽ اهڙي سياسي ماحُول ۾ ن ليگ کي ٻيهر روڪڻ ممڪن نه آهي.

هن وقت صورتحال اها آهي ته مسلم ليگ ن انتشار جو شڪار آهي، ان جا مختلف گروپ آهن ۽ انهن جون پنهنجون اوليتون آهن، نواز شريف ئي واحد مرڪز آهي جيڪو هن پارٽيءَ کي متحد ڪري سگهي ٿو. ان ڪري سندس پاڪستان ۾ هڪ قابل سياسي اڳواڻ جي طور تي واپسي پاڪستاني سياست ۾ هلچل پيدا ڪندي.احسن بهون پنهنجي درخواست ۾ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو آهي. ظاهر آهي ته حڪومت اٽارني جنرل ذريعي ان درخواست جي سخت مخالفت ڪندي.

سپريم ڪورٽ جو نئون چيف جسٽس عمر عطا بنديال 2 فيبروري تي چارچ سنڀاليندو انڪري توهانکي اهو به ٻڌي حيرت لڳندي ته جنهن وقت ميان نواز شريف نااهل ٿيو هو ان وقت عمرعطا بنديال ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ واري بينچ جو به حصو پڻ هو.انڪري ڏسجي ته احسن ڀون جي لاءِ اها ڳالهه خوشي جهڙي هوندي ته نواز شريف جي نااهلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ ۾ عمر عطا بنديال هوندو جنهن ڪري هي ڪيس سوچ کي تمام گهڻو منجهائيندڙ آهي بظاهر ته ان وقت جڏهن ميان نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو ويو هو عمر عطا واري سوچ احسن بهون لاءِ ڀلي سٺي هجي پر سڀني کي خبر آهي ته ان وقت جي سياسي ماحول ۽ هن وقت جي سياسي ماحول ۾ وڏو فرق آهي.

بهرحال اهو فيصلو چيف جسٽس آف پاڪستان ڪندو نه ڪي  احسن بهون ان ته صرف ڪيس فائل ڪيو آهي ۽ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙڻ جي به درخواست ڪئي آهي ته جيئن بنيادي انساني حقن جا مسئلا اٿاريا وڃن.انڪري شايد سڀني کي انهيءَ فيصلي جو يقيني انتظار هوندو ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ ان ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي ته يقينن ڪيترائي معاملا جيڪي اڃا هلندڙ آهن اهي پاڻ مرادو واضح ٿي ويندا جنهن کانپوءِ بحث جي ڪابه گنجائش باقي نه رهندي.

ٻئي طرف  هڪ  عام راءِ اها به آهي ته ڪنهن شخص کي تاحيات نمائندگي کان نااهل قرار ڏيڻ آئين جي بنيادي روح ۽ بنيادي انساني حقن جي خلاف آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ڪيس ٻڌڻ کانپوءِ اهو نقطو قبول ڪري ٿي ته اها نئين تاريخ هوندي. پر ڇا اهو ايترو آسان آهي؟ سپريم ڪورٽ آڏو ان جو پنهنجو فيصلو آهي، جنهن تي نظرثاني جي اپيل به رد ڪئي وئي ويندي آهي. اهڙي ئي هڪ ڪيس ۾ جهانگير ترين کي به نااهل قرار ڏنو ويو ۽ سندس نظرثاني اپيل به رد ڪئي هئي. يقيناً جيڪڏهن اها درخواست ٻڌڻيءَ لاءِ منظور ٿي وڃي ته ان سان هڪ انتهائي اهم قانوني ۽ آئيني نقطي جي وضاحت ٿي ويندي. جيڪڏهن درخواست جي حق ۾ فيصلو آيو ته ملڪ جو سياسي منظرنامو تبديل ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن درخواست رد ٿي ته نواز شريف جي سياسي زندگي ختم ٿي ويندي. هن وقت مسلم ليگ (ن) جو ڪارڪن ان اميد ۾ مبتلا آهن ته نواز شريف اهل ٿي ويندو هو، سياست ۽ ملڪ ۾ واپس ايندو. جيڪڏهن سندن نااهليءَ جي ٻيهر تصديق ٿي ته سڀ اميدون ٽٽي وينديون.ن ليگ اڄ به وڙهي رهي آهي ته نوازشريف جو علاج اڃا مڪمل ناهي ٿيو،۽ جيترو جلد صحتياب ٿيندو هو وطن واپس ايندو،پر ن ليگ قانوني طور تي  اهو ثابت نه ڪري سگهي آهي.

ٻئي طرف شهباز شريف خلاف هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سندس راءِ آهي ته ڪنهن به شخص کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ ۽ عدالت کيس سياست ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان نااهل قرار ڏيڻ جو ڪو مثال نه ٿو ملي. شهباز شريف جي قانوني ٽيم شايد ان ڳالهه کان چڱيءَ ريت واقف آهي، تنهن ڪري کيس دٻاءَ ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪامياب نه ٿيون آهن.هن وقت سياسي محاذ تمام گرم نظر اچي رهيو آهي، ملڪ اندر تبديلي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ لانگ مارچ جا انتظام جاري آهن. حڪومت ٽن مهينن کي پنهنجي لاءِ اهم قرار ڏئي رهي آهي ۽ مخالف ڌر حڪومت کي هڪ ڏينهن به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ڪجهه حلقا تيز رفتار واقعن کي حيران ڪندڙ قرار ڏئي رهيا آهن. 7 سالن کانپوءِ فارن فنڊنگ ڪيس جي جاچ رپورٽ سامهون اچي وئي. آصف علي زرداري جو نواز شريف جي نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو. پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم پاران لانگ مارچ جا فيصلا  جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صورتحال معمول تي نه آهي. ڇا واقعي ائين آهي ۽ حڪومت جي خراب ڏينهن جي ڳڻپ شروع ٿي وئي آهي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.