سي آءِ اي مٺي جي اڳوڻي انچارج جي پٽن نوجوان کي قتل ڪري ڦر جو ڍونگ رچايو!

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيل ڦورو نه پر قاتل جو مائٽ نڪتو، گذريل ڏينهن صبح سوير ڪوٽڙي جي خدا جي بستي واري علائقي بهار ڪالوني ۾ مبينا ڦورو جي مارجڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو، سي آءِ اي سينٽر مٺي جي اڳوڻي انچارج ذوالفقار علي حيدري جي پٽ پوليس اهلڪار اظهار علي ون فائيو تي اطلاع ڪيو ته 4 ڦورو سندن گهر ۾ گهڙي آيا آهن، اطلاع ملندي ئي ڪوٽڙي سائيٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي جتي پوليس جي پهچندي ئي ٻه فائر ٿيڻ جو آواز آيو، جنهن بعد پوليس کي گهر جي ڀر ۾ امام بارگاھ جي ڇت تي نيو ويو جتي گوليون لڳل هڪ ڄڻو پيل مليو جيڪو اسپتال پهچڻ کان اڳ ٿڏي تي ئي فوت تي ويو، ون فائيو تي اطلاع ڏيندڙ اظهار علي موقف اختيار ڪيو ته 4 ڦورو هئا جن گهر ۾ گهڙي ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي مون فائرنگ ڪري ڏني جنهن تي هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي جڏهن ته 3 ڄڻا فرار ٿي ويا، بعد ۾ پوليس پاران ابتدائي جاچ کان پوءِ ٻڌايو ويو ته اظهار علي پاران ٻڌايل باقي ٽن ڄڻن جي هجڻ جي ڪابه شاهدي ناهي ملي جنهن کانپوءِ پوليس معاملي کي شڪي قرار ڏئي جاچ شروع ڪئي ته خبر پئي ته مارجي ويل شخص پوليس اهلڪار اظهار آرائين جو مائٽ ۽ ڳوٺائي هو جيڪو ڪي اين شاھ جو رهواسي آهي، جڏهن ته مارجي ويل شخص جي زال پڻ قاتل جي پيءُ ذوالفقار حيدري جي سڳي ڀاڻج آهي، اهوبه معلوم ٿيو ته قاتل اظهار علي جي پڻ ساڳئي خاندان مان شادي ٿيل هئي جڏهن ته ڪجھه وقت اڳ اظهار علي پنهنجي زال کي طلاق ڏني هئي جنهن تي سندن وچ ۾ تڪرار هلندڙ هو، مارجي ويل شخص آصف آرائين جي ڄاڻايل پسٽل بابت پڻ معلوم ٿيو آهي ته اهو لائسنس يافته آهي، جڏهن ته مارجي ويل وٽان ڪپڙن جي ٿيلهي ۽ پاسپورٽ پڻ مليو آهي، ذريعن وٽان مليل معلومات موجب مقتول کي دوکو ڏئي گهرايو ويو هو جنهن بعد کيس قتل ڪري ڦورو هجڻ جو ڍونگ رچايو، ڪوٽڙي سائيٽ پوليس جي ايس ايڇ او خير محمد ملاح موجب مارجي ويل شخص جو لاش اظهار علي جي گهر مان نه پر پاڙي جي امام بارگاھ جي ڇت تان مليو آهي، پوليس اهلڪار اظهار علي سي آءِ اي مٺي جي اڳوڻي انچارج ذوالفقار حيدري جو پٽ آهي، پوليس موجب اظهار علي ۽ سندس ڀاءُ ممتاز علي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ معاملي جي گهڻ رخي جاچ ڪري رهيا آهن، في الحال ڪنهن نتيجي تي ناهيون پهتا، حراست ۾ ورتل ٻنهي ڀائرن جي والد ذوالفقار حيدري موجب مارجي ويل شخص ڦورو آهي، اظهار پهرين ون فائيو تي اطلاع ڏنو جنهن کانپوءِ جان بچائڻ لاءِ هن مٿس فائرنگ ڪئي، ٻئي طرف ڊي آءِ جي حيدرآباد معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي ڄامشوري کي فوري طور تي رپورٽ ڏيڻ جو چيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.