قمبر ۾ پراڻي تڪرار تان عدالت حاضري تي آيل نوجوان قتل

قمبر(رپورٽ: محمود شيخ )قمبر۾ڏينهن ڏٺي جو صدر ٿاڻو جي سامهون پراڻي تهڪرار تان نوجوان اصغر علي پٽ ڌڻي بخش مغيري کي بيدردي سان گوليون هڻي قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا قمبر جي ڳوٺ شاھ حسن لاڙي جو رهواسي نوجوان اصغر علي مغيري ڪورٽ حاضري تي آيل هو ته سندس تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن شهر جي مصروف غيبي ديرو روڊ تهي صدر ٿاڻي جي سامهون فائرنگ ڪري نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا مقتول جو لاش پوليس پنهنجي تحويل ۾ کڻائي اسپتهال پهچايو جتهي ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙھ وارثن حوالي ڪيو ويو جن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن پنهنجي برداري جي ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلندڙ هيو انهن اسان جي نوجوان کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪري ڇڏيو آهي آخري اطلاع تائين قتل جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.