شيرين کي فريادي بڻائڻ لاءِ تيار آهيون: آءِ جي سنڌ

اسلام آباد(بيورو + م ڊ)آءِ جي سنڌ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي جي آڏو پيش ٿيو، آءِ جي سنڌ مشتاق حمد مهر وڊيو لنڪ ذريعي ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ سينيٽ جي انساني حقن واري ڪميٽي جي آڏو پيش ٿيو، سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته سنڌ پوليس ڪڏهن به ڪنهن ڪميٽي ۾ اچڻ جي لاءِ تيار ناهي. پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا آءِ جي هتي ايندا آهن پر سنڌ جو آءِ جي نٿو اچي. هن ٻڌايو ته 2 نومبر تي پرڏيهي هن علائقي ۾ شڪار جي لاءِ آيا، ناظم جوکيو پرڏيهين جي وڊيو ٺاهي، 3 نومبر تي ناظم جوکيو کي مقامي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڀاءُ جي ذريعي گهرايو، هن وڌيڪ چيو ته مقامي اسيمبلي ميمبر جي گهر ۾ ناظم جوکيو کي تشدد جو نشانو بنايو ويو. ناظم جوکيو کي پرڏيهين جي سامهون اچي معافي گهرڻ جي لاءِ چيو ويو. معافي گهرڻ کان انڪار تي ناظم جوکيو کي قتل ڪري لاش گهر ٻاهران اڇليو ويو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سيف الله ابڙو چيو ته ايم پي اي ڄام اويس ۽ ايم اين اي عبدالڪريم ان ڪيس ۾ ملوث هئا. جڏهن ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته شهيد جي بيوه کي احتجاج ڪرڻو پيو. ڪميٽي جي چيئرمين وليد اقبال آءِ جي سنڌ کي ماسڪ نه پائڻ تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته هي ڪيس سنڌ جو نور مقدم ڪيس لڳي ٿو. آءِ جي سنڌ چيو ته اسان ناظم جوکيو جي گهر واري کي پوليس سيڪيورٽي به ڏني آهي. ڪيس جي شروعات ۾ ڪجهه رنڊڪون هيون ته مدعي بيوه بڻجي يا ڀاءُ.؟ آءِ جي سنڌ چيو ته عدالت اجازت ڏئي ته شيرين جوکيو کي ڪيس ۾ فريادي بڻائڻ لاءِ تيار آهيون، پنج جوابدارن کي جاچ ٽيم ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، شروع ۾ ايف آءِ آر ۾ اهي 5 ماڻهو نه هئا بعد ۾ انهن کي شامل ڪرايو ويو اهي پنج ماڻهو بي گناهه آهن، انهن کي ڪيئن گرفتار ڪريون. سينيٽر سيف الله ابڙو چيو ته شهيد ناظم جي خاندان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ناظم جي زال کي عدت ۾ ويهڻ بدران انصاف لاءِ ڌڪا کائڻا پيا، شهيد ناظم جي وني کي ايندڙ اجلاس ۾ گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.