مري سانحي جي ذميوار رياست قرار، وزيراعظم ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مري سانحي جو ذميوار رياست کي قرار ڏيندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي پوري طرح ذميواري ادا ناهي ڪئي، عدالت وزيراعظم کي ڪوتاهي جي ذميوارن کي وائکو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله سانحي جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. مري جي رهواسي حماد عباسي دانش اسحاق عباسي ايڊووڪيٽ ذريعي درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو ته هو 7 جنوري تي ڪوهه  مري ويو هو، جڏهن ٽول پلازه مان گذرندڙ سياح مري وڃي رهيا هئا ته کين ڪنهن به نه روڪيو ۽ نه ئي کين خطري کان آگاهه ڪيو. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته هر سال سياح ائين ئي مرن ٿا، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل سيد طيب شاهه کي روسٽرم تي طلب ڪندي کيس اين ڊي ايم اي بابت قانون پڙهڻ جي هدايت ڪئي . اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ان حوالي سان اين ڊي ايم اي جو ڪا گڏجاڻي ٿي، ان حوالي سان باقاعده انتظامي پلان هجڻ گهرجي ها، جيڪڏهن ڪميشن جي گڏجاڻي نه ٿي ته ڇو نه ٿي. چيف جسٽس چيو ته ان قانون ۾ سمورا ماڻهو ۽ سموري رياست ذميوار آهي، جيڪڏهن 2018ع کانپوءِ قومي ڪميشن جو اجلاس نه ٿيو ته ذميواري توهان تي ٿئي ٿي. جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته سڀاڻي زلزلو آيو ته انشاءَ الله، توهان چيو آهي ته اها اسان جي ذميواري ناهي، انهن 22 ماڻهن جي موت جو ذميوار ڪير آهي؟. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪڏهن ميٽنگ ٿي؟، جنهن تي اين ڊي ايم اي ميمبر عدالت کي ٻڌايو ته هڪ اجلاس 21 فيبروري 2013ع ۽ ٻيو اجلاس 28 مارچ 2018ع تي ٿيو. چيف جسٽس چيو ته اين ڊي ايم ڪميشن ذميوارن جو تعين ڪري رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪري، هي انتهائي اهم معاملو آهي، ايندڙ جمعي تائين رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. اين ڊي ايم اي ذميواري ادا ناهي ڪئي، بدقسمتي سان هتي جيڪو اچي ٿو چئي ٿو قانون کي پاسيرو رکو . جسٽس اطهر من الله ميمبر کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ هفتي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪميشن جو اجلاس گهرائي ۽ وزيراعظم کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ اجلاس گهرائڻ جي هدايت ڪئي .عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل طيب شاهه چيو ته نظرثاني جي ضرورت آهي، عدالت چيو ته 2010ع ۾ قانون ٺهيو، اوهان هاڻ پيا جائزو وٺو. عدالت مري سانحي جي وڌيڪ ٻڌڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.