ڪراچي: لياري ٽائون ۾ گٽرن جو گدلو پاڻي روڊن تي بيهجي ويو، علائقي واسي پريشان

ڪراچي جي علائقي لياري ٽائون ۾ گٽر جو گدلو پاڻي روڊن تي بيهجي وڃ سبب ڪاروبار متاثر ٿيڻ لڳو ۽ شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

لياري ٽائون جي علائقي نيا آباد جي ڪارا ڀائي ڪريم روڊ، فدا حسين شيخا روڊ تي گذريل 15 ڏينهن کان  پاڻي نيڪال ڪندڙ پمپ مشين بند هجڻ سبب گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آهي جنهن ڪري  اچ وڃ جو رستو مڪمل طور تي بند ٿي وڃڻ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهن.

علائقي واسين جو چوڻ هو ته انتظاميا جي نااهلي سبب لياري جا سمورا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، گٽرن جي صفائي نه ٿيڻ ڪري روڊن رستن ۽ مارڪيٽن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي جنهن سبب سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور بڻيل آهيون.

رهواسين سنڌ جي وڏي وزير، اي سي لياري عبدالڪريم ميمڻ، ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد روڊن رستن تان گندو پاڻي نيڪال ڪرائي پريشانين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.