جوان نظر اچڻ جو آسان گهريلو ٽوٽڪو

 

ڀُورو رنگ ۽ نکريل چهرو هر عورت جي خواهش هوندي آهي پر وڌندڙ عمر جا اثر ظاهر ٿيڻ سان ئي چهري جي خوبصورتي ۾ گهٽتائي اچڻ شروع ٿي ويندي آهي.

هاڻي اوهان پنهنجي خواهش کي پورو ڪري سگهو ٿا، رڳو هڪ گهريلو نسخي سان، مرد هجي يا عورت، سڀني جي جلد کي هڪ جهڙو فائدو  ملندو، ڏهي جو ماسڪ لڳايو، چهرو جي چمڪ وڌايو ۽ رنگ ڀورو ڪيو.

انسان سدائين جوان رهڻ جي لاءِ آب حيات ته نٿو پي سگ هي پر اسان توهان کي هڪ اهڙو نسخو ضرور ٻڌائي سگهون ٿا، جنهن جي استعمال سان توهان پنهنجي عمر کان 10 سال ننڍا لڳندئو، ته اچو نسخو ڄاڻي ٿا وٺون.

گهربل شيون

اڌ عدد ڪيلو، 3 چمچا ڪَڇُ، 2 چمچا ڏهي، هڪ چمچو ماکي، هڪ بيضو

ماسڪ ٺاهڻ جو طريقو

ڪيلي، بيضي، ماکي ۽ ڏهي کي پيٺل ڪڇ سان گڏ پيالي ۾ وجهي چڱي ريت ملائي ڇڏيو، هاڻي ان کي پنهنجي چهري تي 15 منٽن تائين لڳل رهڻ ڏيو، پوءِ چڱي ريت مساج ڪندي چهرو ڌوئي ڇڏيو.

واضح رهي ته هن ماسڪ کي لڳائڻ کان اڳ چهري کي چڱي ريت ڌوئي ڇڏيو ته جيئن سموري مٽي صاف ٿي وڃي.

هي ماسڪ هر عمر جا مرد ۽ عورتون لڳائي سگهن ٿيا.

ماسڪ جا فائدا

ڪيلي ۾ فائبر هوندو آهي، جيڪو جلد جي لاءِ تمام بهترين آهي ۽ جلد کي نرم رکندو آهي ۽ چهري تان گُهنج ختم ڪندو آهي، ماکي سان اسان جي جلد مان پاڻي جي گهٽتائي ختم ٿيندي آهي ۽ اها اينٽي بيڪٽيريل هوندي آهي.

ڏهي مان ليڪٽڪ ايسڊ ٺهندو آهي، جيڪو جلد کي تازو ڪري ڇڏيندو آهي، ان کانسواءِ ان ماسڪ ۾ شامل بيضو جلد کي ٽائيٽ ۽ چمڪائڻ سان گڏ گُهنجن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.