جماعت اسلامي شاهراهه فيصل بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي مڪاني ايڪٽ خلاف احتجاجي تحريڪ تي ڪندي ڌرڻي سان گڏوگڏ سڄي شهر ۾ ريلين ۽ ڪارنر ميٽنگز کانپوءِ شاهراهه فيصل کي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

مڪاني ايڪٽ خلاف ڌرڻي جي 14هين ڏينهن عورتن جي سيشن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ناصر شاهه جي سربراهي ۾ ڳالهين واري ڪميٽي 4 ڏينهن کان مفرور آهي، اسان آچر ڏينهن شاهراهه فيصل کي 3 وڳي مڪمل طور بلاڪ ڪنداسين، ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.

سندس چوڻ هو ته اسان وڏيرن سان مزاحمت ڪنداسين، پنهنجي ٻارن جو مستقبل انهن جي هٿن ۾ نه ڇڏينداسين، جماعت اسلامي ڪراچي کي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي کان بچائيندي، سنڌ اسيمبلي سامهون مک ڌرڻو جاري آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف هنڌن تي به ڌرڻا هنيا پيا وڃن.

هن وزيراعظم کي به تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ڪجهه بسون نه سڄو ٽرانسپورٽ جو نظام گهرجي، جماعت اسلامي شهر کي تعمير ڪيو آهي، ترقي ڏني آهي ۽ ان کي روشن ڪيو آهي، اسان مظلومن جو آواز بڻجي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.