توهان مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو پر نه ٿيندس: وزيراعظم جو پرويز خٽڪ کي جواب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ پرويز خٽڪ سان ڏند چڪ دوران عمران خان چيو ته توهان مون کي سڀني جي سامهون بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو.

ضمني مالياتي بل جي منظوري کان اڳ قومي اسيمبلي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻين خدشن جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ پرويز خٽڪ چيو ته توهان کي وزيراعظم اسان بڻايو، خيبر پختونخواهه ۾ گئس تي پابندي آهي، گئس بجلي اسان پيدا ڪندا آهيون ۽ پيڙهجي به اسان رهيا آهيون، جيڪڏهن توهان جو اهو ئي رويو رهيو ته اسان ووٽ نه ڏئي سگهنداسين.

ان موقعي تي وزيراعظم سخت جواب ڏيندي چيو ته توهان سڀني جي سامهون مون کي بليڪ ميل ڪري رهيا آهيو، مان بليڪ ميل نه ٿيندس، توهان مون کي بليڪ ميل نٿا ڪري سگهو، مان حڪومت ملڪيتون ٺاهڻ لاءِ نه پيو ڪيان، مان توهان کي روز روز گهرائي ووٽ وٺي رهيو آهيان، مان روز روز آءِ ايم ايف کي چئي رهيو آهيان ته ٽيڪس گهٽ ڪيو، منهنجا نه ڪارخانا آهن ۽ نه ڪو ڪاروبار.

ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن توهان جي اها ئي بليڪ ميلنگ رهي ته اپوزيشن کي دعوت ٿو ڏيان ته اهي اچي حڪومت ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.